ايم ڪيو ايم جي وفد سني اتحاد ڪائونسل جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل طارق محبوب شهيد جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي.
ڪراچي ؛ 20 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي هدايت تي ايم ڪيو ايم جي نمائنده وفد سني اتحاد ڪائونسل جي ڊپٽي سيڪريٽري جنرل طارق محبوب شهيد جي جنازي نماز ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد ۾ رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان، عظيم فاروقي ۽ اسيمبلي ميمبرن کان علاوه علاقائي سيڪٽر ذميوار ۽ ڪارڪن به شامل هئا. ايم ڪيو ايم وفد طارق محبوب شهيد جي سوگوار پونئرن سان ملاقات ڪري انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي تعزيت ۽ همدردي جو پيغام به پهچايو. انهن شهيد جي بلند درجات ۽ سوگوار پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.