مسيحي برادري جي وفد جي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ رابطا ڪميٽي جي انچارج قمر منصور سان ملاقات.وفد حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو.
ڪراچي؛ 20 اپريل 2015
مسيحي برادري جي وفد پاسٽر معظم جان جي سربراهي ۾ خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ رابطا ڪميٽي جي انچارج قمر منصور سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي رابط ڪميٽي ميمبر اسلم آفريدي به موجود هئا.مسيحي برادري اين اي 246 جي سيٽ تي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو.وفد ۾ بشپ جيمس جان پال، بشپ گلفام جاويد، پاسٽر روبن راز ۽ ٻيا به شامل هئا. ان کان پوءِ وفد قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي وڏي عمر، صحت و تندرستي ۽ ڪنور نويد جميل جي وڏي اڪثريت سان ڪاميابي جي لاءِ دعا به ڪئي.