Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عوامي مسلم ليگ محفوظ يار گروپ جي سربراھ پنهنجي جماعت کي ايم ڪيو ايم ۾ ضم ڪرڻ ۽ اين اي 246 جي سيٽ تي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.


عوامي مسلم ليگ محفوظ يار گروپ  جي سربراھ پنهنجي جماعت کي ايم ڪيو ايم ۾ ضم ڪرڻ ۽ اين اي 246 جي سيٽ تي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 4/20/2015
عوامي مسلم ليگ محفوظ يار گروپ  جي سربراھ پنهنجي جماعت کي ايم ڪيو ايم ۾ ضم ڪرڻ ۽ اين اي 246 جي سيٽ تي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي؛ 20 اپريل 2015 
             عوامي مسلم ليگ محفوظ يار گروپ جي سربراھ محفوظ يار خان پنهنجي جماعت کي ايم ڪيو ايم ۾ ضم ڪرڻ ۽ اين اي 246 تي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل جي حق ۾ دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اهو اعلان انهن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ عزيز آباد ۾ اين اي 246 جي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل سان گڏجي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.محفوظ يار خان چيو ته مان پنهنجي جماعت کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي خدمت ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان کي ايم ڪيو ايم ۾ ضم ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته مان گهڻڻ ئي جماعتن ۾ 50 سالن جو سفر طئي ڪندي ايم ڪيو ايم تي پنهنجو اختتام ڪيو آهيان. مان پاڪستان جي هر قومي جماعت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر هر جماعت مون کي استعمال ڪيو. مان پوليٽيڪل سيڪريٽري ۽ مشير به رهيس پر منهنجين اصل صلاحيتن مان ڪنهن به فائدو نه کنيو. مان ڪوٽا سسٽم جو خاتمو، اوڀر پاڪستان جي محصورين جي واپسي ۽ ٻٺي تعليمي نظام جي خاتمي جي جدوجهد ڪندو رهيس. جناح يونيورسٽي فار وومين جو مان فائونڊرٽرسٽي آهيان، اسان جي يونيورسٽي 80 پي ايڇ ڊي هولڊر پيدا ڪيا. مان اهڙي طرح ئي اين اي 246 ۾ هڪ انجنيئرنگ ۽ ميڊيڪل يونيورسٽي بڻائڻ جو به وعدو ڪريان ٿو. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم کي هٿ پير ٻڌي ڪري اليڪشن ۾ ڇڏيو ويندو ائين اسان هرگز به ٿيڻ نه ڏينداسين. اسان ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳڻ نه ڏينداسين، اسان هن شهر جا اصل رهاڪو ۽ امين آهيون. ماضي ۾ مسلم ليگ ۽ جماعت اسلامي سميت ٻين جماعتن هن شهر تي حڪومت ڪئي آهي پر ان جي اصل وارث صرف ايم ڪيو ايم آهي. انهن چيو ته مان 24 ڀيرا جيل ڪاٽي آهي، مان جيل وڃڻ کان نه ٿو ڊڄان هاڻي جيڪڏهن مان جيل ويس ته ايم ڪيو ايم منهنجي جيل جي سلور جوبلي ملهائيندي. انهن عمران خان کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان وڏا رانڌيگر آهيو، پر اسان سياست ۾ هڪ بائونسر سان ٽي وڪيٽون ڪيرائينداسين . اوهان شهر کي دهشت کان نجات ڏيارڻ نه بلڪه دهشت ڦيلائڻ آيا آهيو. انهن چيو ته مان پي ٽي آئي جي تقرير ٻڌي ته منهنجي اندر جو مهاجر جاڳي اٿيو. مان انهي وقت جناب الطاف حسين کي فون ڪيو ۽ چيو ته حڪومت مون کي 19 اپريل تي جلسي جي اجازت نه ڏيئي رهي آهي اوهان جناح گرائونڊ ۾ مون کي جلسو ڪرڻ ڏيو جنهن تي انهن مون کي خوش آمديد چيو ۽ انهي عمل کان متاثر ٿي ڪري مان ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿيو آهيان ۽ مان ڪنور نويد جميل جي اليڪشن مهم جو ايجنٽ بڻجي ڪري ڪم ڪندس.انهن چيو ته ڪيترن ئي اليڪشنن ۾ مان نائن زيرو جي پويان مرڪزي ڪيمپ قائم ڪيا، مون کي نه ته ڪنهن تقرير ڪرڻ کان روڪيو ۽ نه ئي ڪنهن منهنجا جهنڊا ڦاڙيا. انهن چيو ته نعمت الله خان ۽ عبدالستار افغاني جي زماني ۾ شهر ۾ خلا هو انهي جي ڪري ته ايم ڪيو ايم کي عوام چانس ڏنو. محفوظ يار خان انهن ماڻهن کي به اپيل ڪئي جيڪي ملڪ کان ٻاهرآهن ته اهي به ڪنور نويد جميل کي ووٽ ڏين.

7/17/2024 10:52:46 AM