Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

10 شيعن تنظيمن جو اين اي 246 جي سيٽ تي متحده قومي موومينٽ جي اميدوار ڪنور نويد جميل جي ڀرپور حمايت جو اعلان.


10 شيعن تنظيمن جو اين اي 246 جي سيٽ تي متحده قومي موومينٽ جي اميدوار ڪنور نويد جميل جي ڀرپور حمايت جو اعلان.
 Posted on: 4/20/2015
10 شيعن تنظيمن جو اين اي 246 جي سيٽ تي متحده قومي موومينٽ جي اميدوار ڪنور نويد جميل جي ڀرپور حمايت جو اعلان.
اهو اعلان علامه زهير عباس عابدي، علامه اطهر مشهدي، علامه سيد علي ڪرار نقوي، علامه نواب حيدر عابدي ۽ ٻين شيعن عالمن سڳورن خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو.
ڪراچي؛ 20 اپريل 2015 
             اين اي 246 جي سيٽ تي 10 شيعن تنظيمن ايم ڪيو ايم جي اميدوار ڪنور نويد جميل جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو آهي ۽ پنهنجي اهل شيعت عوام کي اپيل ڪئي آهي ته اهي 23 هين اپريل جي ننڍي چونڊ ۾ ڪنور نويد جميل کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائين. حمايت ڪندڙ 10 شيعن تنظيمن ۾ تنظيم عزاداري پاڪستان، تحريڪ نفاذ فقه جعفريه، شيعه فيڊريشن، جعفريه الائنس،انجمن ذاڪرين اماميه، انجمن ذاڪرين، اداره دين و دانش آل محمد صلي الله عليه وسلم، پاڪستان شيعه ڪائونسل ۽ اداره تبليغات اسلامي شامل آهن. حمايت جو اعلان علامه زهير عابدي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. انهن چيو ته اسان هڪ نظريي جي حمايت ڪرڻ جي لاءِ ۽ ان کي پنهنجي قوم تائين پهچائڻ جي لاءِ هتي جمع ٿيا آهيون. اسان پهرين به ايم ڪيو ايم جي حمايت ڪندا آيا آهيون ۽ ان جي ڪري ڪندا آيا آهيون جو هن ملڪ ۽ شهر ۾ ايم ڪيو ايم اها واحد جماعت آهي جنهن گهٽ ۾ گهٽ ٻه ڪم اهڙا ڪيا آهن جيڪي ٻئي ڪنهن به جماعت ڪرڻ جو سوچيو به نه آهي. انهن ٻن ڪمن ۾ هڪ مسلمانن جي تمام فرقن کي هڪ جاءِ تي جمع ڪرڻ ۽ مسلمانن کي پاڻ ۾ ويڙهائڻ وارين سامراجي سازشن کي ختم ڪرڻ  آهي. جڏهن ته ٻيو ڪم دهشت گردن جي خلاف جهاد جو اعلان ڪرڻ آهي. انهن چيو ته 25 سال اڳ فرقي واريت جي نالي تي ماڻهن کي پاڻ ۾ ويڙهايو ويندو هو ۽ فرقي واريت جي نالي تي ان خونريزي کي جناب الطاف حسين ۽ انهن جي ساٿين روڪيو. انهن چيو ته جناب الطاف حسين دهشت گردن جي خلاف جهاد ڪرڻ جي اعلان ۾ ڪنهن به منافقت کان ڪم نه ورتو. گهڻيون ئي اهڙيون جماعتون آهن جيڪي صرف دعوائون ڪن ٿيون ته اسان دهشت گردي جي خلاف آهيون پر دهشت گرد انهن جي گود ۾ ئي پلجي رهيا آهن. ويجهڙائي ۾ ئي هڪ جماعت اليڪشن کٽڻ کان پوءِ هڪ دهشت گرد جماعت جو شڪريو ادا ڪيو ۽ انهن سان گروپ فوٽو به ڪڍرايا. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم جي اميدوار کي ڪامياب ڪرايو وڃي ته جيئن شهر ۾ فرقي واريت  ختم ٿئي ۽ صحيح معنٰي ۾ دهشت گردي  جي خلاف جنگ وڙهي سگهجي. انهن واضع لفظن ۾ چيو ته اهل شيعت سڀ ڪجھ ڪري سگهي ٿي پر طالبان ۽ داعش جهڙين تنظيمن جي حمايت ڪري نه ٿي سگهي.انهن چيو ته جيڪي ماڻهن جون منڍيون لاهين اهو شيعت جي بنيادي نظريي جي خلاف آهي، انهن چيو ته جنهن ظلم جي خاتمي جي لاءِ اسان پنهنجيون منڍيون وڍرايون، جانيون ڏنيون ۽ گهر برباد ڪرايا اسان ان جي حمايت ڪيئن ٿا ڪري سگهون؟ انهن چيو ته اسان جي طالبان ۽ داعش سان دشمني 14 سو سال پراڻي آهي ۽ اسان ان ظلم سان اتحاد نه ٿا ڪري سگهون.شيعه تنظيمن جي عالمن سڳورن پنهنجي اهل شيعت عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 23 هين اپريل تي حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل کي وڏي اڪثريت سان ڪامياب ڪرائين. انهن وڌيڪ چيو ته ڪراچي وارن کي زنده لاشون چوڻ وارين ٻن جماعتن کي عوام 23 هين اپريل تي انهن جي سياسي قبرن ۾ دفن ڪري ڇڏيندو.

7/17/2024 11:51:47 AM