Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

انشاء الله تعالٰي 23 هين اپريل حق پرستن جي تاريخي فتح جو ڏينهن هوندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


انشاء الله تعالٰي 23 هين اپريل حق پرستن جي تاريخي فتح جو ڏينهن هوندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 4/20/2015
انشاء الله تعالٰي 23 هين اپريل حق پرستن جي تاريخي فتح جو ڏينهن هوندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
ان ڏينهن باطل پرستن جا سمورا ڪوڙا ڏيئا وسامي ويندا ۽ الطاف حسين جو ٻاريل حق پرستي جو ڏيئو روشن رهندو.
جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ميوزيڪل پروگرام جي هزارين شرڪاء کي خطاب.
لنڊن؛ 20 اپريل 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته الله تعالٰي جي مدد ۽ عوام جي حمايت سان 23 هين اپريل حق پرستن جي تاريخي فتح جو ڏينهن هوندو. ان ڏينهن باطل پرستن جا تمام ڪوڙا ڏيئا وسامي ويندا ۽ الطاف حسين جو ٻاريل حق پرستي جو ڏيئو روشن رهندو. اها ڳالھ انهن جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ ميوزيڪل پروگرام جي هزارين شرڪاء کي خطاب ڪندي فرمائي. جناب الطاف حسين ان موقعي تي شاگردن ۽ شاگردياڻين تي زور ڏنو ته اهي دل لڳائي ڪري تعليم حاصل ڪن ۽ پنهنجي والدين جي نقش قدم تي هلي ڪري پنهنجو ۽ پنهنجي خاندان جو نالو روشن ڪن. انهن فرمايو ته اڄ ڪالھ امتحانن ۾ ڪاپي جي ڌم مچيل آهي پر اوهان کي نه ڪاپي ڪرڻي آهي ۽ نه ڪاپي ڪرائڻي آهي، جيڪڏهن مان ڪراچي ۾ موجود هجان ها ته هڪ هڪ ڪاليج ۾ وڃان ها ۽ شاگردن جي ذهنن مان شارٽ ڪٽ جي ذريعي ڪاميابي حاصل ڪرڻ جو خيال ڪڍي ڇڏيان ها. انهن جي ذهنن کي صاف ڪريان ها ۽ انهن کي چوان ها ته اهي وڏي محنت ڪن ، ڀلي اهي ٻهاري ڏين ان ۾ ڪوئي به عيب نه آهي ڇو ته محنت جي ڪمائي خيرات گهرڻ کان بهتر آهي. ان جي ڪري محنت ڪرڻ ۾ ڪوئي به عار محسوس نه ڪريو. انهن پنهنجي مثال ڏيندي فرمايو ته مان بسن ۽ آهن. انهن اجتماع ۾ موجود نياڻين جي لاءِ دعا ڪئي ته الله تعالٰي انهن کي پنهنجي حفاظت ۾ رکي، انهن کي خوش رکي ۽ انهن جو مستقبل سٺو ڪري ، جن جون شاديون نه ٿيون آهن الله تعالٰي انهن کي نيڪ ۽ سٺا رشتا عطا ڪري. آمين.***** ويگنن ۾ سفر ڪندو هوس ۽ پنهنجي جان ٿري تي رکي ڪري اهو سفر ڪندو هوس ۽ شام جو ٽيوشن به پڙهائيندو هوس. ٽيوشن پڙهائي ڪري مان پهرين سائيڪل خريد ڪئي ۽ پوءِ 10 سال پراڻي هنڊا ففٽي موٽر سائيڪل خريد ڪئي ۽ انهي محنت جي ڪري اڄ مان تحريڪ کي هتي پهچايو آهي. اڄ الله سائين جي ڪرم سان پوري دنيا ۾ ايم ڪيو ايم جا چاهڻ وارا موجود

7/17/2024 1:42:50 PM