Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين تي عوام ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪنور نويد جميل کي ڪامياب بڻائيندا. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.


جناب الطاف حسين تي عوام ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪنور نويد جميل کي ڪامياب بڻائيندا. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.
 Posted on: 4/6/2015 1
جناب الطاف حسين تي عوام ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري ڪنور نويد جميل کي ڪامياب بڻائيندا. رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور.
ڪراچي؛ 6 اپريل 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر قمر منصور چيو آهي ته اين اي 246 ۾ ڪي ڪي ايف ۽ محمدي بلڊ بينڪ جي طرفان هيپاٽائٽس بي، سي، اسڪريننگ ۽ ويڪسينيش جي لاءِ لڳايل ڪيمپ تي هزارين ماڻهن جو مستفيد ٿيڻ سٺو قدم آهي. جنهن تي اسان انهن کي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم ميڊيڪل ايڊ ڪميٽي جي طرفان جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ اين اي 246 جي عوام جي لاءِ هيپاٽائٽس جي اسڪريننگ ۽ ويڪسينيشن جي لاءِ لڳايل ڪيمپ جي آخري ڏينهن ميڊيا جي نمائندن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي ڪيو. ان موقعي تي انهن سان گڏ رابطا ڪميٽي جا ميمبر ڊاڪٽر نصرت، عظيم فاروقي ۽ ٻين کان علاوه عوام جي وڏي تعداد موجود هئي.قمر منصور چيو ته ايم ڪيو ايم اين اي 246 جي اليڪشن جي لاءِ ڀرپور تياريون ڪري رهي آهي ۽ روزانه جي بنياد تي عوامي ملاقاتون جاري آهن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي عوام ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي وڏي تعداد ۾ ووٽ ڏيئي ڪري حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل کي ڪامياب بڻائيندي. انهن چيو ته مخالف سستي شهرت جي لاءِ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ ايم ڪيو ايم تي بي بنياد الزام عائد ڪري رهيا آهن ۽ اسان انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته اوهان جيترو چاهيو ۽ جيترا الزام لڳايو اسان توهان کي ان اليڪشن کان ڀڄڻ نه ڏينداسين.انهن چيو ته تحريڪ انصاف ۽ ن ليگ جي وچ ۾ ڪهڙو معاهدو ٿيو آهي اسان کي ڪائي خبر نه آهي پر اسان پچڻ چاهيون ٿا ته  عمران خان جواب ڏين ته جعلي اليڪشن سان بڻجڻ واري اسيمبلي ۾ اهي ڇو ويا. انهن چيو ته سرڪاري ٽي وي تي حملو، سول نافرماني جي تحريڪ جو اعلان، گيس ۽ بجلي جا بل ساڙڻ  ۽ پنهنجن ڪارڪنن کي قانون هٿن ۾ کڻڻ جي ترغيب ڏيڻ ۽ عمران خان ۽ عارف علوي جي ٽيليفونڪ ڳالھ ٻولھ کان پوءِ عمران خان تي بغاوت جو مقدمو قائم ٿي وڃڻ گهرجي ها پر ائين نه ٿيو.انهن چيو ته عمران خان اسٽيج کان ڪرڻ کان پوءِ پنهنجو ذهني توازن وڃائي ويٺا آهن. انهن چيو ته عمران خان هونئن ئي آرٽيڪل 62 ۽ 63 تي پورو نه ٿا لهن ڇو ته ڪيليفورنيا جي عدالت انهن کي مجرم قرار ڏنو آهي. قمر منصور چيو ته عمران خان کي ڪجھ آزاد ڪرائڻ جو ايترو ئي شوق آهي ته پهرين بنو جيل تي حملو ڪرڻ وارن طالبان دهشت گردن کان جيڪي اتان عورتن کي به پاڻ سان گڏ وٺي ويا هئا انهن کي آزاد ڪرائين. قمر منصور عوام کي اپيل ڪئي ته اهي 23 اپريل تي حق پرست اميدوار کي ڪامياب ڪرائين. آخر ۾ انهن ميڊيڪل ڪيمپ ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف ۾ سندون به تقسيم ڪيون.

7/17/2024 6:09:25 PM