Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

23 اپريل تي اين اي 246 جا عوام پنهنجو قيمتي ووٽ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوار کي ڏيئي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏين.ڪنور نويد جميل.


23 اپريل تي اين اي 246 جا عوام پنهنجو قيمتي ووٽ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوار کي ڏيئي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏين.ڪنور نويد جميل.
 Posted on: 4/6/2015 1
23 اپريل تي اين اي 246 جا عوام پنهنجو قيمتي ووٽ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوار کي ڏيئي مخالفن کي عبرتناڪ شڪست ڏين.ڪنور نويد جميل.
ڪراچي؛ 6 اپريل 2015 
             اين اي 246 جي سيٽ تي ايم ڪيو ايم جي نامزد ڪيل حق پرست اميدوار ڪنور نويد جميل چيو آهي ته اين اي 246 جي عوام جي جناب الطاف حسين سان وابستگي نظرياتي بنيادن تي انتهائي مظبوط آهي. پي ٽي آئي جو نامزد ڪيل اميدوار ۽ ٻيا رهنما ان تڪ ۾ ننڍي چونڊ ۾ جهڙي طرح سان ڇڪٿاڻ تي لهي آيا آهن ۽ گندي زبان استعمال ڪري رهيا آهن ان سان تڪ جي عوام جا جذبا مجروح ٿي رهيا آهن. انهن خيالن جو اظهار انهن لياقت آباد شريف آباد ۾ ڪارنر ميٽنگن کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جا ميمبر به موجود هئا. ڪنور نويد جميل جڏهن اتي پهتا ته انهن جي مٿان گل نچاور ڪيا ويا ۽ انهن جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ڪنور نويد جميل چيو ته ايم ڪيو ايم هڪ پرامن ۽ جمهوري سياسي جماعت آهي، پي ٽي آئي سميت ٻيون جماعتون ڪراچي ۾ طاقت ۽ ڌمڪي جي ذريعي ماضي ۾ به ايم ڪيو ايم کان عوامي مينڊيٽ ڇڻڻ جي لاءِ هٿڪنڊا استعمال ڪنديون آيون آهن، پر ان جي باوجود عوام هر اليڪشن ۾ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوارن کي وڏي اڪثريت سان ووٽ ڏيندا رهيا آهن. انهن چيو ته اين اي 246 ۾ اليڪشن مهم کي پرامن ۽ جمهوري رکڻ ايم ڪيو ايم جي پاليسي جو حصو آهي پر پي ٽي آئي هن اليڪشن جي ماحول ۾ غنڊه گردي ڪري رهي آهي ۽ ان غنڊه گردي جو الزام ايم ڪيو ايم تي عائد ڪري رهي آهي. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته اين اي 246 جي ننڍي چونڊ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڪنهن به قسم جي ڌمڪي ۽ ڌاندلي جي گهرج  نه آهي ڇو ته اهو تڪ جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو آهي ۽ عوام جو رشتو جناب الطاف حسين سان نظرياتي بنيادن تي مظبوط آهي. انهن وڌيڪ چيو ته اسٽيبلشمينٽ پي ٽي آئي جي مڪمل سرپرستي ڪري رهي آهي .انهن شرڪاء کي اپيل ڪئي ته اهي شرپسندن تي ڪڙي نظر رکن ۽ 23 اپريل تي پنهنجو قيمتي ووٽ جناب الطاف حسين جي نامزد ڪيل اميدوار کي ڏين.

6/30/2024 9:27:17 AM