قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ مولانا فضل الرحمٰن جي وچ ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ.
پاڪستان کي پنهنجيون فوجون سعودي عرب يا يمن نه موڪلڻ گهرجن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين ۽ مولانا فضل الرحمٰن جي وچ ۾ اتفاق.
لنڊن؛ 6 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ۽ جميعت علماء اسلام جي سربراھ مولانا فضل الرحمٰن جي وچ ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي وئي. ٻنهي رهنمائن ملڪ جي موجوده صورتحال خصوصن يمن ۽ سعودي عرب جي معاملي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي رهنمائن ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ته پاڪستان کي پنهنجيون فوجون سعودي عرب يا يمن نه موڪلڻ گهرجن ۽ ان معاملي ۾ ڌر بڻجڻ جي بجاءِ ٽئين ڌر جو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ۽ ان معاملي کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ گهرجي.