Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اين اي 246 ۾ هڪ طرف ته عوام جي من پسند جماعت ايم ڪيو ايم ۽ ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جا آله ڪار آهن. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


اين اي 246 ۾ هڪ طرف ته عوام جي من پسند جماعت ايم ڪيو ايم ۽ ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جا آله ڪار آهن. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 4/5/2015 1
اين اي 246 ۾ هڪ طرف ته عوام جي من پسند جماعت ايم ڪيو ايم ۽ ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جا آله ڪار آهن. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ڪراچي جو ڪوئي به پرامن شهري طالبان دهشت گردن جي سياسي ونگ کي ووٽ نه ڏيندو.
ايسٽر جي موقعي تي جناح گرائونڊ عزيز آباد ۾ منعقد ٿيندڙ پروگرام کي خطاب.
ڪراچي؛ 5 اپريل 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته جناب الطاف حسين جو گهر پاڪستان جي سمورن مظلومن ، محرومن ۽ ڏتڙيل ماڻهن جي وچ ۾ محبت جي زنجير آهي ۽ جناب الطاف حسين کان علاوه ملڪ جو ڪوئي به ليڊر نه آهي جيڪو هر ڏک ۽ خوشي ۾ اقليتي برادري سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪري گڏ بيٺو هجي. انهن خيالن جو اظهار انهن ايسٽر جي موقعي تي ايم ڪيو ايم جي طرفان عيسائي برادري جي لاءِ جناح گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندڙ پروگرام کي خطاب ڪندي ڪيو. ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اين اي 246 ۾ حق ۽ باطل جي وچ  ۾ سخت مقابلو ٿي رهيو آهي، هڪ طرف ته عوام جي من پسند جماعت ايم ڪيو ايم ۽ ٻئي طرف اسٽيبلشمينٽ جا آله ڪار ۽ طالبان جا حامي بيٺا آهن. انهن چيو ته ڪراچي جو ڪوئي به پرامن شهري طالبان دهشت گردن جي سياسي ونگ کي ووٽ نه ڏيندو ڇو ته ڪراچي وارا انهن جي اولاد آهن جن 20 لک جانين جو نذرانو ڏيئي ڪري مسلمانن کي انگريزن جي غلامي کان آزادي ڏياري هئي. انهن چيو ته  ڪراچي کي فتح ڪرڻ جي ذهنيت رکڻ وارن جي خواهش ڪڏهن به پوري نه ٿيندي ۽ ننڍي چونڊ ۾ انهن جون ضمانتون ضبط ٿي وينديون ۽ انشاء الله تعالٰي وقت جناب الطاف حسين ۽ قوم کي گاريون ڏيڻ وارن کان پاڻ حساب وٺندو. انهن پاڪستان سميت سڄي دنيا جي مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏڻ جي دلي مبارڪباد به پيش ڪئي.ان موقعي تي مسيحي برادري جو رهنما بشپ گلفام جاويد، بشپ جاويد انجم، پاسٽر امجد فاروق ۽ پاسٽر امجد اسلام سميت مسيحي مردن ۽ عورتن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ، پاڪستان جي سلامتي ۽  ڀائيچاري جي لاءِ خصوصي دعائون ڪيون. 

7/17/2024 6:09:21 PM