ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏڻ جي مبارڪباد پيش.
لنڊن؛ 5 اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مسيحي برادري کي ايسٽر جي ڏڻ جي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين مسيحي برادري کي چيو ته اها ايسٽر جي موقعي تي پنهنجين عبادتن ۾ سڄي دنيا ۾ امن و استحڪام، پاڪستان جي سلامتي و بقا ۽ ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ خصوصي دعائون ڪري.