Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

فيڊرل بي ايريا، بلديه ٽائون، لانڍي، نارٿ ڪراچي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


فيڊرل بي ايريا، بلديه ٽائون، لانڍي، نارٿ ڪراچي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 4/1/2015 1
فيڊرل بي ايريا، بلديه ٽائون، لانڍي، نارٿ ڪراچي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ڪارڪنن جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 2 اپريل 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي فيڊرل بي ايريا، بلديه ٽائون، لانڍي، نارٿ ڪراچي ۽ اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي 11 ڪارڪنن ۽ هڪ همدرد جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته فيڊرل بي ايريا اين اي 246  ۾ ننڍي چونڊ ٿيڻ واري آهي. پر ان علائقي ۾ سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهرن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ انهن کي خوف زده ڪيو پيو وڃي. خميس جي رات سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم فيڊرل بي ايريا سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر نويد فاروقي ۽ يونٽ 151 جي ڪارڪن محمد سعادت جي گرفتاري جي لاءِ انهن جي گهرن تي ڇاپا هنيا ۽ انهن جي نه ملڻ تي انهن جي گهر وارن سان بدتميزي ڪئي. رابطا ڪميٽي چيو ته سرڪاري اهلڪارن خميس جي صبح بلديه ٽائون ۾ ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو جن ۾ بلديه ٽائون يونٽ 112 اي جا ڪارڪن عامر ملڪ، ناصر ملڪ انهي يونٽ جو همدرد راڻا جاويد راجپوت، يونٽ 116 جو ڪارڪن عمران پٽني ۽ يونٽ 117 جو ڪارڪن عبدالله شامل آهن. اهڙي طرح خميس جي صبح نارٿ ڪراچي يونٽ 134 جي ڪارڪن محمد جاويد يونٽ 136 اي جي ڪارڪن محمد صادق ۽ ايم ڪيو ايم ڪشمير ڪميٽي جي ڪارڪن فيصل پراچه کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح يونٽ 136 اي جي ڪارڪن انيس الحق جي گرفتاري جي لاءِ انهن جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو ۽ انهن جي نه ملڻ تي انهن جي ڄاٽي کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح ساده لباس ۾ ملبوس سي آئي ڊي جي اهلڪارن لانڍي ۾ يونٽ 87 جي ڪارڪنن نذير ۽ شهريار کي گرفتار ڪري ورتو. اهڙي طرح اورنگي ٽائون جي ڪارڪن سيد آصف حيدر شاھ کي به انهن جي گهر کان گرفتار ڪيو ويو. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ گذريل ڪيترن ئي مهينن جي دوران ايم ڪيو ايم جي درجنين بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. جن مان گهڻڻ کي ته ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪيو ويو آهي ۽ گهڻا ئي سرڪاري حراست ۾ آهن جن کي تشدد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. جڏهن ته گهڻائي ڪارڪن هن مهل تائين لاپتا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جون گرفتاريون ڪيون پيون وڃن ته ٻئي طرف سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ملير جي مختلف علائقن ۾ گهرن ۽ دڪانن جي مالڪن کي خوف زده ڪيو پيو وڃي ۽ انهن کي گهرن ۽ دڪانن تان ايم ڪيو ايم جا جهنڊا ۽ جناب الطاف حسين جون تصويرون لاهڻ جي لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي سوال ڪيو ته آخر ماڻهن کي ڪنهن به سياسي جماعت جي جهنڊي يا ڪنهن به اڳواڻ جي تصوير هڻڻ کان روڪڻ جو عمل ڪنهن به طرح جائز آهي؟ رابطا ڪميٽي چيو ته هڪ طرف ته ڪراچي ۾ بي گناھ شهرين جي قتل ۽ دهشت گردي ۾ ملوث پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي خلاف ڪابه ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي  پر ٻئي طرف ايم ڪيو ايم جي آفيسن تي ڇاپا هڻي ۽ بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن کي گرفتار ڪري ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو سلسلو بند ڪيو وڃي ۽ تمام گرفتار ٿيل ڪارڪنن کي رها ڪيو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين کي روڪڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتارين، ڇاپا هڻڻ ۽ لاپتا ڪرڻ جو نوٽس ورتو وڃي. 

7/17/2024 6:08:55 PM