صولت مرزٰي جي گهر واري کي ايندڙ مبينه فون ڪالن سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه آهي. ايم ڪيو ايم ترجمان.
ڪراچي؛ پهرين اپريل 2015
متحده قومي موومينٽ جي ترجمان پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسان صولت مرزٰي جي گهر واري سان منسوب ڪيل ان بيان کان آگاھ آهيون ته انهن کي ڌمڪين جا فون آيا آهن. ترجمان چيو ته ايم ڪيو ايم جو انهن فون ڪالن سان ڪنهن به قسم جو تعلق نه آهي ۽ صولت مرزٰي جي گهر واري کي ان سلسلي ۾ لاڳاپيل حڪام کي رپورٽ ڪرڻ گهرجي.