Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

گلگت بلتستان جي آئيني حيثيت بحال ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


گلگت بلتستان جي آئيني حيثيت بحال ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/29/2015
گلگت بلتستان جي آئيني حيثيت بحال ڪئي وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
گلگت بلتستان جا عوام سياسي ۽ معاشي حقن کان محروم آهن.
ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ جي مظلوم عوام جي حقن جي لاءِ هر سطح تي آواز بلند ڪندي رهندي.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 29 مارچ 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو آهي ته گلگت بلتستان جي عوام کي انهن جي جائز حقن جي فراهمي جي لاءِ گلگت بلتستان جي آئيني حيثيت بحال ڪئي وڃي ۽ ان کي آزاد ڪشمير وانگر اسٽيٽ سبجيڪٽ رول جي سهولت ڏني وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد لبرل، جمهوري ۽ ترقي پسند جماعت آهي جيڪا ملڪ کان فرسوده جاگيرداراڻه نظام جي خاتمي ۽ مظلوم عوام جي بنيادي حقن جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي.ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ اهڙي معاشري جو قيام چاهي ٿي جتي هر شهري کي بغير ڪنهن فرق جي هڪ جهڙا حق ملن. جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ تائين گلگت بلتستان جي آئيني حيثيت کي بحال نه ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري اتان جا ماڻهو سياسي ۽ معاشي حقن کان محروم آهن، جڏهن ته حڪومت جو اهو فرض آهي ته اها گلگت بلتستان جي عوام جي آئيني ، قانوني ۽ انساني حقن جي فراهمي کي يقيني بڻائي، جناب الطاف حسين مطالبو ڪيو ته گلگت بلتستان جي آئيني حيثيت بحال ڪئي وڃي، اتي آزاد ڪشمير جهڙو سيٽ اپ ڏنو وڃي، گلگت بلتستان جي عوام جي معاشي حالت بهتر بڻائڻ جي لاءِ اتان جي سمورن تاريخي رستن کي کوليو وڃي ۽ عوام کي آزاد ڪشمير وانگر اسٽيٽ سبجيڪٽ رول جي سهولت ڏني وڃي ته جيئن پاڪستان جي مختلف شهرن ۾ آباد گلگتي ۽ بلتستاني عوام گلگت بلتستان جي قانون ساز اسيمبلي ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهن.جناب الطاف حسين گلگت بلتستان جي عوام کي يقين ڏياريو ته ايم ڪيو ايم گلگت بلتستان سميت سڄي ملڪ جي عوام جي حقن جي لاءِ هر سطح تي آواز بلند ڪندي رهندي.

7/17/2024 1:26:25 PM