Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قصبه علي ڳڙھ، سوسائٽي ۽ گلشن اقبال کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


قصبه علي ڳڙھ، سوسائٽي ۽ گلشن اقبال کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 3/28/2015
قصبه علي ڳڙھ، سوسائٽي ۽ گلشن اقبال کان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڪراچي؛ 28 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي شهر جي مختلف علائقن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جي گهرن تي پوليس ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن جي مسلسل ڇاپن ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي چيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڇنڇر جي صبح سي آئي ڊي پوليس ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 125 جي ڪارڪن محمد نديم ۽ همدرد محمد سليم کي گرفتار ڪري ورتو، سوسائٽي سيڪٽر يونٽ 59 جي ڪارڪنن محمد احسن، محمد محسن ۽ سعادت کي گرفتار ڪري ورتو.اهي ٽئي پاڻ ۾ سڳا ڀائر به آهن. جڏهن ته رينجر سابقه ڪي ٽي سي ميمبر محمد عرفان کي به گلشن اقبال مان انهن جي گهر کان گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن کي سرڪاري حراست ۾ وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائي ڪري ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪيو پيو وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ مختلف سياسي و مذهبي جماعتن کي ته سياسي سرگرمين جي کليل آزادي آهي پر جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي عائد ڪئي وئي آهي.رابطا ڪميٽي چيو ته ڇاپن ۽ گرفتارين سان ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن جا حوصلا ڪمزو ڪري نه ٿا سگهجن ۽ نه ئي انهن کي حق پرستي جي جدوجهد کان باز رکي سگهجي ٿو. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان محمد نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن جي غير قانوني گرفتارين جو سلسلو بند ڪرايو وڃي ، گرفتار ٿيلن کي آزاد ڪرايو وڃي ۽ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳائڻ جو سلسلو بند ڪيو وڃي.

7/17/2024 1:41:20 PM