Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جيڪي قوتون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون اهي ٻڌي وٺن ته انشاء الله تعالٰي قيامت تائين انهن جو اهو خواب پورو نه ٿيندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جيڪي قوتون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون اهي ٻڌي وٺن ته انشاء الله تعالٰي قيامت تائين انهن جو اهو خواب پورو نه ٿيندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/28/2015
جيڪي قوتون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون اهي ٻڌي وٺن ته انشاء الله تعالٰي قيامت تائين انهن جو اهو خواب پورو نه ٿيندو.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اهي قوتون جيڪي اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ چاهين ٿيون ،اهي ئي ايم ڪيو ايم کي رياستي طاقت جي ذريعي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون.
عامر خان جي اکين تي پٽيون ٻڌي ڪري جنگي قيدين وانگر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.
چوڌري نثار قوم کي ٻڌائين ته ڪراچي آپريشن جي نگراني جي لاءِ هن مهل تائين مانيٽرنگ ڪميٽي ڇو نه بڻائي وئي؟
عمران خان جرنلن جي باري ۾ جيڪا گستاخانه زبان استعمال ڪئي آهي اها عمران خان کي سپورٽ ڪرڻ وارن جرنلن جي لاءِ ڳڻتي جي ڳالھ آهي.
جمعي ۽ ڇنڇر جي رات نائن زيرو عزيز آباد ۽ حيدرآباد ۾ ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 28 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته جيڪي قوتون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون اهي ٻڌي وٺن ته انشاء الله تعالٰي قيامت تائين انهن جو اهو خواب پورو نه ٿيندو. انهن فرمايو ته عمران خان فوجي جرنلن جي باري ۾ جيڪا گستاخي ڪئي آهي اها عمران خان کي سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت سپورٽ ڪرڻ وارن جرنلن جي لاءِ ڳڻتي جي ڳالھ آهي. انهن پاڪستان جي جرنلن ، وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت کي مخاطب ڪندي فرمايو ته اهي يمن، شام، عراق، ايران ۽ سعودي عرب جي معاملن ۾ پاڪستان جي مفادن کي اوليت ڏين ۽ ان جي ڊگهن نتيجن ۽ اثرن کي سامهون رکندي فيصلو ڪن، يمن ۽ سعودي عرب جي ان جنگ ۾ پاڪستان کي نه ڌڪيو. انهن خيالن جو اظهار انهن جمعي ۽ ڇنڇر جي رات نائن زيرو عزيز آباد ۽ حيدرآباد ۾ ڪارڪنن جي هنگامي اجلاس کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. صبح جا ساڍا ٽي ٿيڻ جي باوجود ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاسن ۾ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي جنهن ۾ عورت ڪارڪن به وڏي تعداد ۾ شريڪ هيون.ان موقعي تي ڪارڪنن جناب الطاف حسين سان پنهنجي بي پناھ محبت ، عقيدت ۽ وڏي جوش ۽ جذبي جو مظاهرو ڪيو انهن جي حق ۾ وڏا وڏا نعرا به هنيا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته 11 مارچ 2015 تي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن وقاص علي شاھ جي شهادت کان پوءِ رينجر نائن زيرو جي آس پاس ۽ پاڙي مان ڏيڍھ سو کان وڌيڪ ماڻهن جي گرفتاري ۽ لائسنس وارن هٿيارن جي نمائش ڪري اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته اهڙا هٿيار ڪٿي به دستياب نه آهن. الله تعالٰي ۽ ان جا رسول پاڪ صلي الله عليه وسلم بهتر ڄاڻين ٿا  ته اهو دعوٰي سراسر ڪوڙ تي ٻڌل آهي. رينجر جي هڪ آفيسر ميڊيا جي سامهون چيو ته ايم ڪيو ايم جي رهنما عامر خان کي گرفتار نه ڪيو پيو وڃي اهي اسان جا مهمان آهن ۽ انهن کي پڇا ڳاڇا جي لاءِ ساڻ وٺي وڃي رهيا آهيون. پر ٻئي ڏينهن ئي عامر خان کي ٻين گرفتار ٿيلن سان گڏ ۽ انهن جي اکين تي پٽيون ٻڌي ڪري جنگي قيدين وانگر عدالت ۾ پيش ڪيو ويو. جناب الطاف حسين فرمايو ته 11 مارچ تي نائن زيرو تي ڇاپو هڻي ڪري ايم ڪيو ايم کي ڪرش ڪرڻ جو باقائده آغاز ڪيو ويو. نائن زيرو جي آس پاس کان پوليس کي گهربل ماڻهن کي پڪڙي ڪري نائن زيرو تي آڻي ڪري اهو ظاهر ڪيو ويو ته انهن کي نائن زيرو تان گرفتار ڪيو ويو آهي. جيڪو بلڪل ڪوڙ آهي. ٻئي ڏينهن ئي نائن زيرو کان حفاظتي بيريئر هٽايا ويا. انهن ڪارڪنن کي چيو ته اوهان قسم کڻي ڪري ٻڌايو ته ڇا سپريم ڪورٽ اهو نه چيو هو ته جماعت اسلامي، عوامي نيشنل پارٽي، پي پي پي، مسلم ليگ ن، سني تحريڪ، لشڪر جهنگوي، لشڪر طيبه، سپاھ صحابه ۽ ايم ڪيو ايم سميت ٻين سياسي ۽ مذهبي جماعتن جا عسڪري ونگز آهن؟ پر ڇا ايم ڪيو ايم کان علاوه ڪنهن ٻئي جماعت جي مرڪز ۽ ان جي قائد جي گهر تي ڇاپو هنيو ويو؟ جنهن تي شرڪاء بلند آواز ۾ جواب ڏنو ته هرگز به نه. جناب الطاف حسين فرمايو ته نائن زيرو تي ڇاپو هڻڻ ۽ اتان رڪاوٽون هٽائڻ کان پوءِ ايم ڪيو ايم دشمني ۾ دنيا جي تاريخ جي انوکي مثال قائم ڪئي وئي. ڦاهي جي سزا جي قيدي جا ڊيٿ وارنٽ جاري ٿيڻ  ۽ مٽن مائٽن سان آخري ملاقات ڪرائڻ کان پوءِ انهن کي ڊيٿ سيل مان ڪڍي غير آئيني ۽ غير قانوني طريقي سان انهن جو وڊيو بيان  ورتو ويو جنهن جو نه ته وزير اعظم پاڪستان ۽ نه ئي سپريم ڪورٽ نوٽس ورتو. اڄ به ايم ڪيو ايم جي وفد سان ملاقات کان پوءِ وزير اعظم ميان نواز شريف چيو ته ڪراچي آپريشن ڏوهاري ماڻهن جي خلاف ٿي رهيو آهي. جيڪڏهن اهو درست آهي ته ضرور ڪريو پر گلوبٽ نالي مسلم ليگ ن جو نامي گرامي ڪارڪن کلي عام گاڏين کي ٽوڙي ۽ دڪانن کي لٽي ٿو، ان جي گرفتاري جي لاءِ پوليس ميان نواز شريف جي گهر تي ڇاپو ڇو نه هنيو؟ جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ تحريڪ انصاف جي رهنما عمران خان ۽ عارف علوي جي ڳالھ ٻولھ جي ٽيپ منظر عام تي آئي ته عمران خان ان حوالي سان صحافين جي بجاءِ مون کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ شروع ڪري ڇڏيو، آخر مان عمران خان جو ڇا بگاڙيو آهي؟ نائن زيرو تي ڇاپي کان پوءِ عمران خان، شيرين مزاري صاحبه ۽ پي ٽي آئي جي ماڻهن سڀني کان پهرين خوشي ملهائي ۽ ايم ڪيو ايم کي قانون پسندي جو درس ڏنو، پر اڄ جڏهن تحريڪ انصاف جي سينيٽر شبلي  فراز ۽ رهنما اعظم سواتي جي گرفتاري جي لاءِ انهن جي گهرن تي ڇاپو هنيو ويو ته اهي فرار ٿي ويا ۽ عمران خان انهن جي گهرن تي ڇاپن جي مذمت ڪئي ۽ ڇاپن کي غير جمهوري ۽ غير قانوني قرار ڏنو. جناب الطاف حسين فرمايو ته عمران خان جيڪڏهن پوليس اهلڪارن کي تشدد جو نشانو بڻائي ۽ پوليس جي حراست مان پنهنجن ڪارڪنن کي هٿيارن سان گڏ ڇڏائي وٺي وڃي ته ان جي خلاف ڪوئي به آواز نه ٿو اٿاري. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪ فوج جا جيڪي جرنل سڌي ريت يا اڻ سڌي ريت عمران خان جي سپورٽ ڪن ٿا انهن کي مان اڄ عمران خان جي هڪ وڊيو ڏيکاريان ٿو. ان ۾ ڳالھ ٻولھ ڪندي عمران خان فوج جي جرنلن جي باري ۾ جيڪا گستاخي ڪئي آهي. اها ٻڌو. ان موقعي تي حاظرين جي سامهون ٽي وي تي عمران خان جي هڪ وڊيو ڏيکاري وئي. ان ۾ ڪنهن اجلاس کي خطاب ڪندي عمران خان چيو ته ٽي هزار ماڻهو روڊن تي وٺي اچو ته جرنلن جو پيشاب وهي ويندو، اهي ايترا بزدل هوندا آهن. ان موقعي تي حاظرين ڪافي دير تائين عمران خان مرده باد. پي ٽي آئي مرده باد ۽ پاڪ فوج زنده باد جا نعرا هنيا. انهن ٽي وي چينلن کي چيو ته اهي اها ويڊيو هلائين ۽ عمران خان جو اصل چهرو قوم کي ڏيکارين. جناب الطاف حسين ڪارڪنن کي چيو ته مان اوهان کي رات جو ٽين وڳي ان جي ڪري گهرايو آهي ته اسان حالت جهاد ۾ آهيون ۽ جڏهن ڪائي قوم حالت جهاد ۾ هجي ته ان جي لاءِ وقت جي قيد جي ڪائي به اهميت نه ٿي رهي ۽ اها وقت جي قيد کان آزاد ٿي وڃي ٿي. انهن فرمايو ته اسان کي ماريو پيو وڃي، اسان جي نسل ڪشي ڪئي پئي وڃي. ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن کي چونڊي چونڊي ماريو پيو وڃي. ان جي ڪري ته الطاف حسين ملڪ ۾ سالن کان جاري اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ چاهين ٿا ۽ اهي قوتون جيڪي اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ چاهين ٿيون، اهي ئي الطاف حسين جي خلاف آهن ۽ ايم ڪيو ايم کي رياستي طاقت جي ذريعي ختم ڪري ڇڏڻ چاهين ٿيون. انهن فرمايو ته جيڪي قوتون ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ چاهين ٿيون اهي ٻڌي وٺن ته انشاء الله تعالٰي قيامت تائين انهن جو خواب پورو نه ٿيندو. انهن فرمايو ته وزير داخلا چوڌري نثار علي خان هونئن ته ڪراچي آپريشن جي باري ۾ وڏيون ڳالهيون ڪن ٿا  پر اهي قوم کي ان ڳالھ جو جواب ڏين ته انهن پاڻ اعلان ڪيو هو ته ڪراچي آپريشن جي نگراني جي لاءِ هڪ مانيٽرنگ ڪميٽي بڻائي ويندي. اڄ ايترو وقت گذري چڪو آهي پر هن مهل تائين ته ڪائي به مانيٽرنگ ڪميٽي نه بڻائي وئي آهي ؟ انهن فرمايو ته ڪجھ تجزيه نگار اڪثر ٽي وين تي اچي ڪري چون ٿا ته ڪراچي آپريشن جا جيترا ڪردار هئا اهي هڪ هڪ ڪري قتل ڪيا ويا آهن. انهن خدا جو قسم کڻي ڪري چيو ته انهن کي ايم ڪيو ايم نه ماريو آهي ۽ اهو منهنجو درس به نه آهي. پر جڏهن اهي سو سو ماڻهن کي قتل ڪندا ۽ هڪ هڪ گهر کان ٽن ٽن ماڻهن کي ماورائي عدالت قتل ڪري ڇڏيندا ته پوءِ ڪنهن جو به مٿو گهمي وڃي ته ان ۾ ايم ڪيو ايم جو يا منهنجو ڪوئي ڏوھ نه آهي، انهن اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا جي صحافين ، تجزيه نگارن ۽ اينڪرن کي مخاطب ڪندي چيو ته اوهان ايم ڪيو ايم جي پاليسين، فيصلن ۽ ڊسيپلين جي ڪمزوري تي ضرور تنقيد ڪريو، منهنجي غلطي هوندي ته مان دل سان معافي گهري وٺندس پر اوهان به ڪوڙا، من گهڙت ۽ بي بنياد الزام هڻڻ کان پاسو ڪريو ۽ صحافت جي آدابن جو خيال رکو. ٻين جي ڪردار تي ڇنڊا نه اڇلايو ۽ ڪنهن جي به پڳ نه لاهيو. انهن فرمايو ته اڄ مان سابق صدر آصف علي زرداري سان تفصيلي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن سان قومي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مان انهن کي چيو ته  يمن ۽ سعودي عرب جو معاملو سفارتي سطح تي ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪيو وڃي ۽ جيڪڏهن جنگ لڳي وڃي ته پاڪستان کي امن جي لاءِ دعا ڪرڻ گهرجي. پر ان جنگ ۾ ڪنهن جي لاءِ به ٽپو نه ڏيڻ گهرجي.انهن فرمايو ته مان دعا ڪريان ٿو ته الله تعالٰي پاڪستان جي جرنلن ، وزير اعظم ۽ وفاقي حڪومت کي عقل ڏي ۽ اهي يمن، شام ، عراق، ايران ۽ سعودي عرب جي معاملن ۾ پاڪستان جي مفادن کي اوليت ڏين ۽ ان جي ڊگهن نتيجن ۽ اثرن کي سامهون رکي ڪري فيصلو ڪن. خدا جي واسطي آمريڪا ۽ روس جي سرد جنگ وانگر يمن ۽ سعودي عرب جي ان جنگ ۾ پاڪستان کي ڌڪو نه ڏيو.اسان کي سمجهڻ گهرجي ته آمريڪا ۽ روس جي سرد جنگ جي دوران اسان مجاهد بڻائي ڪري غلطي ڪئي هئي ان جو نتيجو ملڪ و قوم اڄ تائين ڀوڳي رهي آهي. اڄ انهي جي ڪري اسان کي آپريشن ضرب جي جنگ وڙهڻي پئجي رهي آهي. انهن فرمايو ته تمام تر سازشي هٿڪنڊن ۽ زهريلي پروفيگنڊن جي باوجود ايم ڪيو ايم سڄي ملڪ ۾ ڦيلجي رهي آهي. پنجاب جا بهادر نوجوان ڀڳت سنگ وانگر پنهنجي جان ته ڏيئي ڇڏيندا پر ايم ڪيو ايم جو ساٿ نه ڇڏيندا. اهڙي طرح خيبرپختونخواھ جي پختونن جي اڪثريت جي دلين ۾ به ايم ڪيو ايم ڌڙڪي رهي آهي. بلوچستان ۾ پنهنجن حقن جي جدوجهد ڪرڻ وارن جون تشدد ٿيل لاشون روڊن تي اڇلايون پيون وڃن پر اهي اڄ به جدوجهد ڪري رهيا آهن ۽ بلوچستان وارن جا دل به ايم ڪيو ايم سان گڏ ڌڙڪي رهيا آهن ۽ اهي اهو چون ٿا ته اوهان بلوچستان ۾ ايم ڪيو ايم جا يونٽ کوليو. سنڌ جا غيرت مند ۽ ڌرتي سان سچي محبت ڪرڻ وارا سوچين ٿا ته ڪهڙي طرح ايم ڪيو ايم ۾ شامل ٿين ڇو ته انهن کي پنهنجي علائقي جي وڏيري جو خوف آهي. انهن فرمايو ته سنڌي  ڀائر منهنجا ڀائر آهن، سنڌي ڀينرون منهنجيون ڀينرون آهن، سنڌ ڌرتي منهنجي ڌرتي آهي، مان سنڌ ڌرتي جو پٽ آهيان. سنڌ جي حقن جي لاءِ مان وڏي کان وڏي قرباني ڏيندس ۽ جيڪڏهن سنڌ ڌرتي جي حقن جي لاءِ پنهنجي جان به ڏيڻي پئي ته مان ڏيندس. جناب الطاف حسين فرمايو ته دهشت گردن جي خلاف ضرب عضب ۾ پنهنجين جانين جو نذرانو پيش ڪرڻ وارن پاڪ فوج جي شهيدن ، آفيسرن ۽ جوانن کي مان پهرين به سلوٽ پيش ڪيو هو ۽ اڄ به مان فوج جي تمام آفيسرن ۽ جوانن کي سلوٽ پيش ڪريان ٿو جيڪي اڄ به جرت ۽ بهادري سان دهشت گردن سان وڙهي رهيا آهن.

7/17/2024 1:38:32 PM