Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ جنگي بنيادن تي موثر قدم کنيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين. سياسي و فوجي قيادت کي جناب الطاف حسين جي دردمندانه اپيل.


يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ جنگي بنيادن تي موثر قدم کنيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين. سياسي و فوجي قيادت کي جناب الطاف حسين جي دردمندانه اپيل.
 Posted on: 3/28/2015
يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي حفاظت سان واپسي جي لاءِ جنگي بنيادن تي موثر قدم کنيا وڃن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
سياسي و فوجي قيادت کي جناب الطاف حسين جي دردمندانه اپيل.
لنڊن؛ 28 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پاڪستان جي صدر، وزير اعظم ۽  حڪومت جي سمورين اختيار رکندڙ ڌرين کي پرزور اپيل ڪئي آهي ته يمن ۾ ڦاٿل پاڪستانين جي فوري طور تي حفاظت سان واپسي جي لاءِ جنگي بنيادن تي موثر قدم کنيا وڃن. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته صنعا ۽ عدن سميت يمن جي مختلف شهرن ۾ هزارين پاڪستاني ڦاٿل آهن. انهن امڙين، ڀينرن، بزرگن ۽ ٻارڙن جون زندگيون ۽ عزتون سخت خطري ۾ آهن. اهي پنهنجين جانين ۽ عزتن جي تحفظ جي لاءِ پاڪستان جي حڪمرانن کي پڪاري رهيا آهن. انهن فرمايو ته مان پاڪستان جي نالي تي ملڪ جي سياسي ۽ فوجي قيادت ۽ سمورين اختيار رکندڙ ڌرين کي دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته خدا جي واسطي هن وقت سمورا معاملا ڇڏي ڪري جنگي بنيادن تي يمن ۾ ڦاٿل هزارين پاڪستانين جي واپسي جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آنڌا وڃن. 

7/17/2024 1:22:55 PM