Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

عمران خان جو آمرانه چهرو قوم جي سامهون اچي چڪو آهي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.


عمران خان جو آمرانه چهرو قوم جي سامهون اچي چڪو آهي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
 Posted on: 2/27/2015
عمران خان جو آمرانه چهرو قوم جي سامهون اچي چڪو آهي. ايم ڪيو ايم جو سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت.
عمران خان ته پنهنجي سڳي اولاد ٽيرين وائيٽ کي به پنهنجي اولاد تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن.
غير قانوني ۽ غير جمهوري ڌرڻڻ سان ملڪ جي معيشت کي اربين روپين جو نقصان پهچايو ويو.
وفاقي حڪومت عمران خان جي خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جو مقدمو قائم ڪري . نديم نصرت.
لنڊن؛ 27 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت چيو آهي ته تحريڪ انصاف جا سربراھ عمران خان پنهنجي هر ڏوھ ۽ غلطي جو الزام قائد تحريڪ جناب الطاف حسين تي وجهي ڪري پنهنجن ڏوهن کان ڀڄي نه ٿا سگهن.هاڻي قوم جي سامهون عمران خان جو آمرانه چهرو بي نقاب ٿي چڪو آهي ۽ انهن کي الزامن جو جواب قوم کي ڏيڻو پوندو.نديم نصرت چيو ته عمران خان پنهنجي سڳي اولاد ٽيرين وائيٽ کي به پنهنجي اولاد تسليم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهن ۽ جڏهن به ان معاملي کي اٿاريو وڃي ٿو ته اهي ايم ڪيو ايم جي خلاف الزامن جو طوبان کڻي ڀڄڻ جي ڪوشش ڪن ٿا. نديم نصرت چيو ته عمران خان اسلام آباد کي ڪيترن ئي مهينن تائين يرغمال بڻائي رکيو، غيرقانوني ۽ غير جمهوري ڌرڻڻ سان ملڪ جي معيشت کي اربين روپين جو نقصان پهچايو ويو ۽  جمهوري عمل کي وڌڻ ويجهڻ نه ڏنو ويو، پر جڏهن به عمران خان سان ان معاملي تي ڳالھ ڪئي وڃي ٿي ته اهي فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪندي ايم ڪيو ايم جي خلاف الزام هڻڻ شروع ڪن ٿا. انهن چيو ته غير ملڪي اخبارون کلي ڪري لکي رهيون آهن ته خيبر پختونخواھ ۾ پي آئي ٽي جي حڪومت مڪمل طور تي ناڪام ٿي چڪي آهي. غير قانوني تنظيمن ۽ طالبان صوبي کي يرغمال بڻائي رکيو آهي. ڪي پي ڪي جا واپاري ۽ ڊاڪٽر يا ته ڀتو ڏيڻ تي مجبور آهن يا صوبو ڇڏڻ تي مجبور آهن، ڪي پي ڪي ۾ جيلون ٽٽي رهيون آهن، اسڪولن تي حملا ٿي رهيا آهن پر عمران خان پنهنجن پراڻڻ  يارن طالبان جي مذمت ۾ هڪ لفظ به چوڻ جي لاءِ تيار نه آهن. قوم سوال ڪري ٿي ته پاڪستان جي شهرت ۽ معيشت کي ناقابل تلافي نقصان پهچائڻ  ۽ رياست سان کليل جنگ ڪرڻ وارن طالبان جي خلاف عمران خان ڪڏهن زبان کوليندا ۽ انهن جي قتل و غارتگري جي مذمت ڪڏهن ڪندا. نديم نصرت چيو ته ملڪ جا تمام تعليم يافته ۽ باشعور ماڻهو هاڻي عمران خان جو اصل ايجنڊا سمجهي چڪا آهن ۽ اهي ڏسي رهيا آهن ته هڪ طرف ته اهي طالبان دهشت گرد آهن جيڪي پاڪستاني رياست جي وجود کي تسليم ڪرڻ جي لاءِ ئي تيار نه آهن. پاڪستان جي فوجي ۽ ٻين اهم تنصيبات تي حملا ڪري رهيا آهن، اسڪولن کي بمن سان اڏائي رهيا آهن، پاڪستان جي عالمي شهرت ۽ معيشت کي نقصان پهچائي رهيا آهن. پر انهن دهشت گردن جي مذمت ڪرڻ ته ٺهيو عمران خان انهن جي خلاف هڪ لفظ به ڳالهائڻ جي لاءِ تيار نه آهن. بلڪه انهن کي ڪي پي ڪي ۾ پنهنجي آفيس به قائم ڪرڻ جي پيشڪش ڪري رهيا آهن. اڄ ڪي پي ڪي ۾ رياست جي رٽ تقريبن ختم ٿي چڪي آهي پر عمران خان ان دهشت گردي جي ذميوار طالبان جي مذمت ڪرڻ جي بجاءِ ملڪ جي سڀني کان روشن خيال، لبرل، ترقي پسند ۽ تعليم يافته جماعت ايم ڪيو ايم ۽ ان جي قائد کي نشانو بڻائڻ جي پويان آهن. انهن چيو ته اڄ اهو واضع نظر اچي رهيو آهي ته عمران خان هڪ رٽيل اسڪرپٽ جي تحت ايم ڪيو ايم ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي نشانو بڻائي  پاڪستاني عوام جي توجه ملڪ جي اصل دشمنن کان هٽائڻ چاهين ٿا. عوام ڄاڻي چڪا آهن ته عمران خان حقيقت ۾ طالبان جو سافٽ اميج آهن. نديم نصرت چيو ته جڏهن ايم ڪيو ايم جي خلاف ڊيٿ سيل مان ڪوئي وڊيو ٽيپ اچي ٿو ته ان جي قانوني حيثيت تي تبصرو ڪرڻ جي بجاءِ ان کي تسليم ڪري خوشي جا شاديانه وڄايا وڃن ٿا. پر جڏهن انهن جي پنهنجي آڊيو ٽيپ جي حوالي سان صحافين جي طرفان سوال ڪيو وڃي ٿو ته اهي ان کي غير قانوني قرار ڏين ٿا ۽ ان جي وضاحت ڪرڻ جي بجاءِ ايم ڪيو ايم تي بهتان تراشي ڪرڻ لڳن ٿا. نديم نصرت چيو ته عمران خان هر ڀيري پنهنجي نااهلي جو الزام ڪروڙين عوام جي قائد جناب الطاف حسين ۽ انهن جي جماعت ايم ڪيو ايم تي وجهي ڪري ڀڄڻ جي ڪوشش ڪن ٿا ۽ عمران خان ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته اهي الطاف فوبيا جو شڪار آهن ۽ انهن کي نفسياتي علاج جي ضرورت آهي. نديم نصرت وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته عمران خان ۽ انهن جي جماعت رياستي اداري پاڪستان ٽيليويزن تي حملي ۾ ملوث آهي ان جي ڪري عمران خان تي آرٽيڪل 6 جي تحت غداري جو مقدمو قائم ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري.

7/17/2024 2:23:48 PM