Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لانڍي قائد آباد مرغي خاني جي ويجهو بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


لانڍي قائد آباد مرغي خاني جي ويجهو بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 3/27/2015
لانڍي قائد آباد مرغي خاني جي ويجهو بم ڌماڪي تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 27 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين لانڍي قائد آباد مرغي خاني جي ويجهو بم ڌماڪي جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ بم ڌماڪي جي نتيجي ۾ 2 پوليس اهلڪارن سميت ڪجھ پوليس وارن ۽ شهرين جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته انتها پسند دهشت گرد قانون نافذ ڪرڻ وارن اهلڪارن کي مسلسل نشانو بڻائي رهيا آهن ۽ دهشت گردي جي مذموم ڪاروائين جي ذريعي ملڪ کي ڪمزور به ڪرڻ چاهين ٿا. انهن فرمايو ته جيستائين ملڪ کان انتها پسند دهشت گردن جي نيٽ ورڪ جو خاتمو نه ٿو ڪيو وڃي ان وقت تائين ملڪ ۾ امن و امان جي قيام ۽ عوام جي جان و مال جي تحفظ جو دعوٰي ڪرڻ  ڪوڙ ۽ بدنيتي تي ٻڌل آهي. انهن فرمايو ته بم ڌماڪا ۽ دهشت گردي جي ڪائي به ڪاروائي پاڪ فوج، سيڪيورٽي فورسز ۽ عوام جي دهشت گردي جي خلاف  حوصلي کي ڪمزور ڪري نه ٿي سگهي ۽ انشاء الله تعالٰي پاڪ سرزمين تي دهشت گردي ۽ انتها پسندي جو خاتمو جلد ٿيندو ۽ ملڪ جا عوام امن و سڪون جي زندگي گذاري سگهندا. انهن بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ پوليس اهلڪارن جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي انهن جي بلند درجات ۽ زخمي پوليس وارن سميت شهرين جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي. جناب الطاف حسين صدر پاڪستان ممنون حسين، وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان کان مطالبو ڪيو ته پوليس ٽريننگ سينٽر جي بس کي دهشت گردي جو نشانو بڻائڻ ۾ ملوث دهشت گردن کي گرفتار ڪري سخت ترين سزا ڏني وڃي. 

7/17/2024 1:16:10 PM