Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جو احتجاج ميڊيا ۾ موجود ڪجھ ڪنين مڇين جي خلاف آهي، ميڊيا ٽرائل کي بلڪل نامنظور ڪريون ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.


ايم ڪيو ايم جو احتجاج ميڊيا ۾ موجود ڪجھ ڪنين مڇين جي خلاف آهي، ميڊيا ٽرائل کي بلڪل نامنظور ڪريون ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
 Posted on: 3/26/2015
ايم ڪيو ايم جو احتجاج ميڊيا ۾ موجود ڪجھ ڪنين مڇين جي خلاف آهي، ميڊيا ٽرائل کي بلڪل نامنظور ڪريون ٿا. ڊاڪٽر فاروق ستار.
پرائيويٽ ٽي وي چينل تي ايم ڪيو ايم جي خلاف عدالت لڳائي ڪري ڪجھ بي ضمير ماڻهو ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل ڪري رهيا آهن.سيد حيدرعباس رضوي.
عمران خان آپريشن ضرب عضب ۾ طالبان جي شڪست جي ڪري ذهني اذيت جو شڪار ٿي چڪا آهن. رئوف صديقي.
ايم ڪيو ايم جي زير اهتمام پرائيويٽ ٽي وي چينل جي آفيس جي ٻاهران احتجاجي مظاهري کي رابطا ڪميٽي ۽ ٻين جو خطاب.
ڪراچي؛ 26 مارچ 2015 
             ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته  هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل تي ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي خلاف لکين ماڻهن جي احتجاجي مظاهري تي تمام شرڪاء خراج تحسين جا مستحق آهن. انهن چيو ته دهشت ۽ خوف جي ماحول جي باوجود جناب الطاف حسين جا چاهڻ وارا لکن جي تعداد ۾ هتي جمع ٿيا آهن. انهن چيو ته اهو احتجاج ميڊيا ۾ موجود ڪجھ ڪنين مڇين جي خلاف آهي. انهن خيالن جو اظهار انهن اظهار رائي جي آزادي جي غلط استعمال ۽ ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي خلاف هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل جي ٻاهران منعقد ٿيندڙ هڪ احتجاجي مظاهري کي خطاب ڪندي ڪيو. انهن چيو ته اڄ به صحافت ۾ اهڙا ضمير وارا ۽ باڪردار صحافي اڪثريت ۾ موجود آهن جيڪي ايم ڪيو ايم جي خلاف ميڊيا ٽرائل کي روڪڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا ۽ اسان اهڙن با ضمير صحافين کي سوچڻ جي دعوت ڏيون ٿا ته اڄ جڏهن جو پاڪستان پنهنجي بقا جي جنگ وڙهي رهيو آهي ۽ فوج جا هن مهل تائين هزارين جوان ۽ معصوم شهري شهيد ٿي چڪا آهن اهڙي ۾ ايم ڪيو ايم ملڪ جي واحد جماعت آهي جيڪا قائد اعظم جو پاڪستان بڻائڻ چاهي ٿي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پنهنجي ميڊيا ٽرائل جي خلاف مقدمو عوام جي عدالت کان پوءِ آئين ۽ قانون جي عدالت ۾ به کڻي ويندي. ڇو ته ان کان اڳ به جناب الطاف حسين جو چيپٽر بند ڪرڻ جي سازشون ڪيون ويون هيون ۽ اهي ناڪام ٿيون. انهن چيو ته ماضي ۾ اولھ پاڪستان جي جماعت عوامي ليگ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان کي ٽوڙيو ويو ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر اهي ئي سازشون ڪيون پيون وڃن  پر ايم ڪيو ايم ۽ پاڪستان لازم ۽ ملزوم آهن. انهن چيو  ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم تي غير اعلانيه پابندي عائد ڪري ان کي ڀت سان لڳايو ويندو ته ان جو مقصد اهو هوندو ته طالبان ۽ انهن جي سياسي ونگز کي ڪراچي تي قابض ڪرڻ جي اها سازش آهي. جنهن کي ڪراچي جا عوام ڪنهن به صورت قبول نه ڪندا. انهن چيو ته هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل تي ايم ڪيو ايم جي گرفتار ڪارڪنن کي ڏوهاري بڻائي ڪري پوري جماعت سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي ۽ اسان جي موقف کي ٻڌو ئي نه ٿو وڃي جيڪو پاڪستان جي آئين جي خلاف آهي. ان موقعي تي حيدر عباس رضوي جناب الطاف حسين سان والهانه محبت ۽ عقيدت جي اظهار تي لکين شرڪاء کي خراج تحسين ۽ سلوٽ پيش ڪندي چيو ته هن مظاهري ۾ لکن جي تعداد ۾ ماڻهن جي شرڪت ۽ چئني طرف موجود واپارين جي جناب الطاف حسين سان عقيدت ۽ محبت ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته ايم ڪيو ايم کي نه پهرين ختم ڪري سگهيو ويو ۽ نه آئنده ختم ڪري سگهبو انشاء الله تعالٰي. انهن چيو ته اسان جي ابن ڏاڏن لکن جي تعداد ۾ هن پاڪستان کي ٺاهڻ جي لاءِ قربانيون ڏنيون آهن. انهن چيو ته پيسن جي عيوض هڪ عوامي جماعت جو ميڊيا ٽرائل صحافت نه آهي ۽ جيڪڏهن ڪوئي اهو سمجهي ٿو ته ان قسم جي هٿڪنڊن سان جناب الطاف حسين جي محبت کي عوام جي دلين مان ختم ڪري سگهبو ته اها انهن جي ڀل آهي. انهن چيو ته جناب الطاف حسين وڏي پڻ جو مظاهرو ڪندي تحريڪ انصاف کي پيشڪش ڪئي آهي ته اهي پرامن طريقي سان اين اي 246 ۾ حصو وٺن ۽ عوام جو سامنو ڪن. انهن وفاقي وزير اطلاعات و نشريات ، پيمرا ۽ پاڪستان براڊ ڪاسٽنگ ايسو سي ايشن کان مطالبو ڪيو ته اهي هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل تي آزادي اظهار جي غلط استعمال کي روڪن. مظاهري کي رابطا ڪميٽي ميمبر عارف خان ايڊووڪيٽ خطاب ڪندي چيو ته مهاجرن پاڪستان بڻائڻ جي لاءِ 20 لک جانين جي قرباني ڏني آهي ۽ اڄ ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ به اسان پيش پيش آيون. انهن چيو ته جيڪڏهن ايم ڪيو ايم جو ميڊيا ٽرائل بند نه ڪيو ويو ته عوام سڄي ملڪ ۾ پرامن احتجاج ڪندا.رابطا ڪميٽي ميمبر اسلم خان آفريدي چيو ته مبشر لقمان زرد صحافت جا علمبردار ۽ عمران خان سڄي ملڪ جي پختونن جي بدنامي جو ڪارڻ آهن.سينٽرل ايگزڪٽو ڪائونسل جي انچارج وسيم اختر چيو ته  مبشر لقمان جهڙا بي ضمير صحافي مهاجرن سان بغض ۾ ان قسم جا متعصب پروگرام ڪري رهيا آهن ۽ صحافت جي پوري اداري کي متنازعه بڻائي رهيا آهن. فيصل سبزواري چيو ته ڪجھ تعصب پرست ٽي وي چينلن تي پنهنجي جانبدارانه تجزين سان صحافت کي بدنام ڪري رهيا آهن ۽ آزادي صحافت جو غلط استعمال ڪري رهيا آهن. رئوف صديقي چيو ته عمران خان طالبان جي حمايت سان ڪي پي ڪي ۾ اليڪشن کٺيو پر پاڪ فوج جي طرفان آپريشن ضرب عضب ۾ طالبان جي خلاف ڪامياب ڪاروائين جي ڪري عمران خان ذهني اذيت ۾ مبتلا آهن. مظاهري کي سينيٽر خوش بخت شجاعت، هير سوهو ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر سيد وقار شاھ به خطاب ڪيو.

7/17/2024 1:36:31 PM