Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي 22 هن کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي 22 هن کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 3/26/2015
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي 22 هن کان وڌيڪ ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين تي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
ڏوهاري ماڻهن کي گرفتار ڪرڻ جي آڙ ۾ ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي.ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 26 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم جي 22 هن کان وڌيڪ ڪارڪنن جي گرفتارين جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته پوليس ۽ ٻين سرڪاري اهلڪارن ڪراچي جي علائقن رنڇوڙ لائين، لياري، ملير، شاھ فيصل ڪالوني، قصبه علي ڳڙھ، اورنگي ٽائون، سرجاني ٽائون ۽ ٻين علائقن ۾ ۽ حيدرآباد ۾ غير قانوني ڇاپا هڻي ڪري ايم ڪيو ايم جي 22 هن کان وڌيڪ ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته 24 مارچ تي رنڇوڙ لائين سيڪٽر يونٽ 30 جي ڪارڪنن تنوير، معين ذڪي، سوني، لياري سيڪٽر يونٽ 33 جي ڪارڪن خورشيد عالم، يونٽ 31 جي ڪارڪن محمد يوسف ۽ ملير سيڪٽر يونٽ 24 جي ڪارڪن شمشاد کي انهن جي گهرن تي ڇاپا هڻي ڪري گرفتار ڪري ورتو، اهڙي طرح 25 مارچ تي سرجاني ٽائون سيڪٽر يونٽ 1 جي ڪارڪن ماجد جڏهن ته 26 مارچ تي اورنگي ٽائون ۽ قصبه ڪالوني جي مختلف علائقن ۾ ڇاپو هڻي ڪري يونٽ 120 جي ڪارڪن محمد شهزاد، يونٽ 131 جي ڪارڪنن قاضي رياض، محمد سليم، محمد فريد، رياض حسن، حسن علي ۽ انهي يونٽ جي همدرد حيدر انصاري، سرجاني ٽائون سيڪٽر يونٽ 7 جي ڪارڪن محمد نعمان، شاھ فيصل ڪالوني سيڪٽر يونٽ 109 جي ڪارڪنن دانش شميم، محمد حنيف، محمد عمران، محمد فهد، عدنان ڀٽي ۽ محمد وسيم کي گرفتار ڪري ورتو آهي. اهڙي طرح حيدرآباد زيل پاڪ ڪالوني ۾ سيڪٽر بي سيڪٽر ڪميٽي جي ميمبر محمد سليم کي گرفتار ڪري ورتو.جڏهن ته حيدرآباد ۾ ئي سيڪٽر بي يونٽ 10 اي جي ڪارڪن مرتضٰي جي گرفتاري جي لاءِ انهن جي گهر تي ڇاپو هنيو پر اهي موجود نه هئا. رابطا ڪميٽي چيو ته ڏوهاري ماڻهن جي گرفتاري جي آڙ ۾ ڪروڙين ماڻهن جي نمائنده جماعت ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ رياستي طاقت جو ناجائز استعمال ڪري ايم ڪيو ايم جي سياسي سرگرمين تي غير اعلانيه پابندي عائد ڪئي پئي وڃي. جنهن جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي اها گهٽ آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري اهلڪارن جي طرفان ايم ڪيو ايم جي بي گناھ ڪارڪنن ۽ همدردن جي گهرن تي غير قانوني ڇاپن ۽ گرفتارين جو نوٽس ورتو وڃي ۽ گرفتار ٿيلن کي فوري طور تي ڇڏيو وڃي. رابطا ڪميٽي انساني حقن جي تنظيمن کي به اپيل ڪئي ته اهي به ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن جي گرفتارين جو نوٽس وٺن ۽ ڪارڪنن ۽ عوام تي ڪيل ظلمن جي خلاف احتجاج جي آواز بلند ڪن. 

7/17/2024 1:26:25 PM