Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سازشي هٿڪنڊن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ان جي خلاف زهر اوڳاريو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


سازشي هٿڪنڊن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ان جي خلاف زهر اوڳاريو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/25/2015
سازشي هٿڪنڊن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ان جي خلاف زهر اوڳاريو پيو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
عمران خان کي فراخدلانه پيشڪش ڪريان ٿو ته اهي اچن ۽ جمهوري انداز ۾ ايم ڪيو ايم جو مقابلو ڪن.
پهرين بلوچ نوجوانن جون تشدد ٿيل لاشون ملي رهيون هيون ۽ هاڻي سنڌي نوجوانن جون به تشدد ٿيل لاشون اڇلايون پيون وڃن.
سنڌين ۽ مهاجرن کي انهن حالتن مان سبق سکڻ گهرجي ۽ ماضي جي تجربن کي سامهون رکندي پاڻ ۾ متحد ٿي وڃڻ گهرجي.
رابطا ڪميٽي، سينٽرل ايگزيڪٽو ڪائونسل، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب.
لنڊن؛ 25 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته مختلف سازشي هٿڪنڊن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ڀت سان لڳايو پيو وڃي ۽ ان جي خلاف زهر اڳريو پيو وڃي. ايم ڪيو ايم ڪروڙين عوام جي نمائندگي ڪرڻ واري هڪ سچي عوامي جماعت آهي، ان کي ڪريل هٿڪنڊن ۽ زهريلي پروفيگنڊن سان ختم نه ٿو ڪري سگهجي. اها ڳالھ انهن  نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي، سي اي سي، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ۽ شعبن جي ميمبرن کي خطاب ڪندي ڪئي. جناب الطاف حسين فرمايو ته جڏهن جڏهن ايم ڪيو ايم جي مقبوليت ۽ ان جو تنظيمي ڪم ملڪ ۾ ڦيلجڻ لڳو آهي ته ان کي روڪڻ جي لاءِ سازشي هٿڪنڊا اختيا ڪيا ويا آهن. هاڻي به جڏهن ايم ڪيو ايم جو پيغام ڪراچي کان نڪري ڪري سنڌ جي ٻهراڙي وارن علائقن، پنجاب، بلوچستان، ڪي پي ڪي ، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ شمالي علائقن ۾ ڦيلجي رهيو آهي ته ان جي خلاف سازشن جو سلسلو تيز ٿي ويو آهي. انهن فرمايو ته پاڪستان صرف مراعات يافته طبقي جو نه پر غريبن جو ملڪ آهي ۽ ايم ڪيو ايم واحد جماعت آهي جيڪا جاگيردارن ۽ وڏيرن جي چنبي مان پاڪستان کي آزاد ڪرائي غريبن کي انهن جو پاڪستان موٽائڻ چاهي ٿي. انهي جي ڪري ايم ڪيو ايم کي مختلف سازشي هٿڪنڊن جي ذريعي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي . انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم ملڪ ۾ رائج فرسوده نظام ۽ اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ چاهي ٿي.  انهي جي ڪري اهي تمام قوتون جيڪي ملڪ ۾ اسٽيٽس ڪو کي برقرار رکڻ چاهين ٿيون. اهي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪرڻ جي پويان آهن. جيڪي ماڻهو اهو سوچين ٿا ته اهي ظلم ۽ سازشي هٿڪنڊن جي ذريعي ايم ڪيو ايم کي ختم ڪري سگهن ٿا ته اهي سمجهي وٺن ته ايم ڪيو ايم کي الله سائين بڻايو آهي ۽ اهو ئي ان کي ختم ڪري سگهي ٿو. انهن فرمايو ته مان ڪيترائي ڀيرا چيو آهي ۽ اڄ وري چوان ٿو ته ايم ڪيو ايم ۾ ڏوهاري ماڻهن جي لاءِ زير ٽوليرنس آهي، مان دهشت گردي جي خلاف آهيان ۽ عدم تشدد تي يقين رکان ٿو. مان ماضي ۾ به مجرمانه سرگرمين ۾ ملوث ماڻهن کي تحريڪ کان خارج ڪيو ۽ اڄ به ايم ڪيو ايم ۾ انهن جي لاءِ ڪائي به گنجائش نه آهي. فقط الزامن جي بنياد تي پوري ايم ڪيو ايم کي نشانو بڻائين سراسر زيادتي آهي. انهن سوال ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي خلاف ته ڪاروائي ڪئي پئي وڃي پر دهشت گردي ۽ فرقي وارانه قتل و غارتگري ۽ فسادن ۾ ملوث پابندي وڌل تنظيمن جي خلاف ڇا ڪاروائي ڪئي پئي وڃي؟ انهن عمران خان جي طرفان ڪراچي ۾ ايم ڪيو ايم جي خلاف اليڪشن وڙهڻ ۽ ان کي شڪست ڏيڻ جي اعلان تي تبصرو ڪندي چيو ته مان عمران خان کي فراخدلانه پيشڪش ڪريان ٿو ته اهي اچن ۽ جمهوري انداز ۾ ايم ڪيو ايم جو مقابلو ڪن.جناب الطاف حسين نائن زيرو تي ڇاپي جي دوران ايم ڪيو ايم جي نوجوان ڪارڪن سيد وقاص شاھ جي وحشياڻي قتل جي سخت مذمت ڪئي ۽ وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته وقاص علي شاھ شهيد ۽ ايم ڪيو ايم جي ٻين شهيد ڪارڪنن جي ماورائي عدالت قتل جي تحقيقات ڪرائي وڃي ۽ قتل جي ذميوارن کي گرفتار ڪيو وڃي. انهن اندرون سنڌ جي مختلف علائقن ۾ سنڌي نوجوانن جي ماورائي عدالت قتلن جي به سخت مذمت ڪئي ۽ چيو ته پهرين بلوچن جون تشدد ٿيل لاشون اڇلايون وينديون هيون ۽ هاڻي سنڌين جون به لاشون اڇلايون پيون وڃن . انهن فرمايو ته سنڌين ۽ مهاجرن کي انهن حالتن مان سبق وٺڻ گهرجي ۽ ماضي جي تجربن کي سامهون رکندي ظلم جي خلاف پاڻ ۾ متحد ٿي وڃڻ گهرجي. انهن رابطا ڪميٽي ، اسيمبلي ميمبرن ۽ تمام تنظيمي شعبن جي ذميوارن کي ان ڏکئي وقت ۾ ثابت قدمي ۽ جرت جو مظاهرو ڪرڻ ۽ حوصلي سان تحريڪي جدوجهد جاري رکڻ تي انهن کي زبردست خراج تحسين به پيش ڪيو.

7/17/2024 1:22:55 PM