Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

متحده قومي موومينٽ جي حق پرست سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن زرد صحافت ۽ ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي خلاف اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.


متحده قومي موومينٽ جي حق پرست سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن زرد صحافت ۽ ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي خلاف اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
 Posted on: 3/25/2015
متحده قومي موومينٽ جي حق پرست سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن زرد صحافت ۽ ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي خلاف اسلام آباد ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو.
اسلام آباد؛ 25 مارچ 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي حق پرست سينيٽرن ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن زرد صحافت ۽ ايم ڪيو ايم جي ميڊيا ٽرائل جي خلاف اسلام آباد ۾ پيمرا آفيس جي اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. مظاهري ۾ اسلام آباد، راولپنڊي ۽ فيصل آباد جي ذميوارن به شرڪت ڪئي. مظاهري جي شرڪاء پنهنجن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کنيا جن تي ميڊيا ٽرائل جي خلاف نعرا درج هئا ۽ انهن ميڊيا ٽرائل جي خلاف زبردست نعري بازي به ڪئي.مظاهري کان پوءِ ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي،رشيد گوڏيل ۽ ٻين پيمرا جي آفيس ۾ سينئر آفيسرن سان ملاقات ڪئي ۽ انهن کي ايم ڪيو ايم جي خلاف جاري ميڊيا ٽرائل جي حوالي سان مختلف پروگرامن جون سي ڊيز به پيش ڪيون. پيمرا جي سينيئر آفيسرن ايم ڪيو ايم جي وفد سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته هڪ پرائيويٽ ٽي وي چينل جي پروگرام تي زرد صحافت جي ڪري پابندي هنئي وئي هئي. پر انهن عدالتن کان اسٽي آرڊر حاصل ڪري ورتو آهي. پيمرا ڪنهن به چينل يا پروگرام جي اينڪر پرسن کي ڪنهن به پارٽي جي خلاف  يڪ طرفه ۽ حقيقتن جي خلاف ڳالھ ڪرڻ نه ڏيندو ۽ سڀني کي پيمرا جي قانونن جو پابند ڪيو ويندو. پيمرا وفد کي چيو ته اهڙا ٽي وي پروگرام جن ۾ ايم ڪيو ايم کي ميڊيا ٽرائل جي شڪايت  آهي ته ان جي ازالي جي لاءِ ايم ڪيو ايم باقائده درخواست ڏيئي ته جيئن ان جي خلاف قانوني ڪاروائي ڪري سگهجي. 

7/17/2024 1:24:50 PM