Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي عمران خان جي طرفان ڌمڪي ڏيڻ واري بيان تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي عمران خان جي طرفان ڌمڪي ڏيڻ واري بيان تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 3/25/2015
قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي عمران خان جي طرفان ڌمڪي ڏيڻ واري بيان تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
عمران خان اسٽيبلشمينٽ جون گهوڙيون استعمال ڪري ڪراچي تي قبضو ڪرڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي. رابطا ڪميٽي.
لنڊن؛ 25 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي آزاد ڪشمير ۾ منعقد ٿيندڙ جلسي ۾ تحريڪ انصاف جي سربراھ عمران خان جي طرفان قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي ڌمڪي ڏيڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته عمران خان کي ڪشميري عوام سان ذري برابر به همدردي نه آهي ۽ ڪشمير جي آزادي ۽ ڪشميري عوام تي ڪيل ظلمن جي خلاف احتجاج  ڪرڻ جي بجاءِ ڪروڙين عوام جي قائد جي خلاف زبان استعمال ڪري سستي شهرت حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته عمران خان ڪشميري ۽ پاڪستاني عوام کي بي وقوف نه سمجهن ۽ بزدلن وانگر مسئله ڪشمير کان ڀڄڻ ۽ موضوع بدلڻ جي بجاءِ کلي ڪري ان مسئلي تي پنهنجو موقف بيان ڪن. رابطا ڪميٽي چيو ته اها افسوس جي ڳالھ آهي ته هڪ شخص جيڪو بغير ڪنهن نڪاح جي هڪ ٻارڙي کي جنم ڏيڻ جي ڪري آئين جي شقن 62 ۽ 63 جي مطابق نااهل ثابت ٿي وڃڻ گهرجي ها، پر ان جي باوجود اهي اسٽيبلشمينٽ جون گهوڙيون استعمال ڪري ڪراچي تي قبضي ڪرڻ جو خواب ڏسي رهيا آهن ۽ نعوذ بالله پاڻ کي زميني خدا سمجهي وڏا وڏا دعوٰي ڪري رهيا آهن. سڄي ملڪ جو عوام چڱي نموني ڄاڻي ٿو ته عمران خان بغير نڪاح جي جنم ڏيندڙ نياڻي کي  اپنائڻ جي لاءِ تيار نه آهي ۽  ان کي انصاف فراهم ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي ته ان کي پاڪستاني عوام جو ليڊر بڻائڻ جي پويان ڪهڙا هٿ آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته عمران خان زمين تي خدائي جو دعوٰي نه ڪن ڇو ته ڪنهن جو وقت آيو آهي ۽ ڪنهن جو وقت نه آيو آهي اهو صرف الله سائين ڄاڻي ٿو.

7/17/2024 1:30:32 PM