Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

خيرپور ۾ سپرهائي وي تي ڪوچ ۽ ٽرڪ جي حادثي جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.


خيرپور ۾ سپرهائي وي تي ڪوچ ۽ ٽرڪ جي حادثي جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
 Posted on: 3/25/2015
خيرپور ۾ سپرهائي وي تي ڪوچ ۽ ٽرڪ جي حادثي جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي زخمي ٿيڻ تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 25 مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين خيرپور ۾ سپرهائي وي تي ڪوچ ۽ ٽرڪ جي ٽڪر جي نتيجي ۾ 12 ماڻهن جي هلاڪ ۽ ڪيترن ئي ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين ملڪ ۾ وڌندڙ ٽريفڪ حادثن تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪندي فرمايو ته انساني زندگين جو تحفظ حڪومت جي پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. پر حڪومت ان ۾ وڏي غفلت جو مظاهرو ڪري رهي آهي. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ٽريفڪ حادثن جي روڪٿام جي لاءِ ٺوس ۽ مثبت قدم کنيا وڃن ته جيئن قيمتي انساني جانين کي بچائي سگهجي. انهن فرمايو ته ان حادثي جي تحقيقات ڪرائي ذميوارن کي سخت ترين سزا ڏني وڃي. جناب الطاف حسين ان حادثي جي نتيجي ۾ هلاڪ ٿيندڙن جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا فرمائي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جوار رحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين. ان کان علاوه انهن زخمي ٿيندڙن جي لاءِ مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به فرمائي.

7/17/2024 1:21:46 PM