Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.


سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
 Posted on: 3/5/2015 1
سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي تي جناب الطاف حسين جي طرفان مبارڪباد پيش.
نوان چونڊيل سينيٽر ايوان بالا ۾ پاڪستان جي ترقي و خوشحالي، جمهوريت جي فروغ ۽ قوم کي پيش آيل مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 5 مارچ 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين سنڌ ۾ سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي جي اميدوارن جي ڪاميابي تي پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرداري ، پي پي جي رهنمائن ۽ ٻنهي جماعتن جي نون چونڊيل سينيٽرن کي دلي مبارڪباد پيش ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جي طرفان جهڙي طرح يڪجهتي جو مظاهرو ڪيو ويو اهو صوبي سنڌ جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ صوبي جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو. انشاء الله تعالٰي پي پي ۽ ايم ڪيو ايم جي وچ ۾ ورڪنگ رليشن شپ فروغ پائيندي ۽ سنڌ جي عوام جا بنيادي مسئلا بغير ڪنهن فرق جي حڪ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. جناب الطاف حسين اميد ظاهر ڪئي ته پي پي ۽ ايم ڪيو ايم جا نوان چونڊيل سينيٽر ايوان بالا ۾ پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي، جمهوريت جي فروغ ۽ قوم کي پيش آيل مسئلن جي حل جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

6/30/2024 9:30:46 AM