Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي ۽ متحده لائرز فورم جي سينيئر ترين ۽ انتهائي فعال ميمبر سيد علي حسنين شاھ بخاري ايڊووڪيٽ جي وحشياڻي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.


ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي ۽ متحده لائرز فورم جي سينيئر ترين ۽ انتهائي فعال  ميمبر سيد علي حسنين شاھ بخاري ايڊووڪيٽ جي وحشياڻي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 3/4/2015 1
ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي ۽ متحده لائرز فورم جي سينيئر ترين ۽ انتهائي فعال  ميمبر سيد علي حسنين شاھ بخاري ايڊووڪيٽ جي وحشياڻي قتل تي جناب الطاف حسين جي طرفان مذمت جو اظهار.
لنڊن؛ 4 مارچ 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي ۽ متحده لائرز فورم جي سينيئر ترين ۽ انتهائي فعال ميمبر سيد علي حسنين شاھ بخاري ايڊووڪيٽ جي وحشياڻي قتل جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته وحشي دهشت گردن اهو حملو ان وقت ڪيو جڏهن اهي اڄ صبح جو ڪورٽ وڃڻ جي لاءِ پنهنجي گهر کان نڪتا ئي هئا. جناب الطاف حسين وفاقي حڪومت، عسڪري ادارن جي مرڪزي ۽ سنڌ جي آفيسرن کي متوجه ڪندي چيو ته ڇا مسنگ پرسنز جي لاءِ قانوني چاره جوئي ڪرڻ ڏوھ آهي؟ جيڪڏهن مسنگ پرسنز جي بازيابي جي لاءِ ۽  انهن جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪرڻ جي لاءِ عدالت ڏانهن رجوع نه ڪيو وڃي ته پوءِ ڪهڙي اداري سان رجوع ڪيو وڃي؟ جناب الطاف حسين ٻڌايو ته جناب سيد علي حسنين شاھ بخاري ايڊووڪيٽ شهيد مسنگ پرسنز جي بازيابي جي لاءِ سڀني کان وڌيڪ آئيني درخواستون جمع ڪرڻ وارا وڪيل هئا جن کي دهشت گردن ۽ انهن جي سرپرستن رستي کان هٽائي ڇڏيو. انهن وزير اعلٰي سنڌ، آئي ايس آئي، ايم آئي، آئي بي سنڌ جي چيف، آئي جي ۽ ڊي آئي جي سنڌ ۽ ڪمشنر ڪراچي سميت پوري سنڌ ڪابينا کي چيو ته اهي ان قتل تي ڇا چوڻ پسند فرمائيندا؟ ڇا علي حسنين شاھ جي گهر وارن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو يا روايت جي مطابق هڪ تحقيقاتي ڪميٽي يا ڪميشن بڻائي ڪري ان قتل جي واردات کي سردخاني ۾ وڌو ويندو. جناب الطاف حسين سيد علي حسنين شاھ بخاري جي تمام سوگوار پونئرن ۽ جن مسنگ پرسنن جا اهي مقدما وڙهي رهيا هئا انهن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪندي فرمايو ته انشاء الله تعالٰي سيد علي حسنين شاھ بخاري شهيد جو رت رنگ لائيندو. الله تعالٰي جي لٺ بي آواز آهي ۽ اسان وڏا ڏکايل ۽ الله تعالٰي کان انصاف جي خيرات گهرون ٿا ته اي الله سائين اسان مظلومن کي انصاف فراهم ڪر ۽ ظالمن کي عبرتناڪ انجام تائين پهچائي.آمين.

7/17/2024 6:12:36 PM