Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ڪراچي ۾ پابندي وڌل تنظيمن جون سرگرميون کلي عام جاري آهن. سيد حيدر عباس رضوي.


ڪراچي ۾ پابندي وڌل تنظيمن جون سرگرميون کلي عام جاري آهن. سيد حيدر عباس رضوي.
 Posted on: 3/4/2015 1
ڪراچي ۾ پابندي وڌل تنظيمن جون سرگرميون کلي عام جاري آهن. سيد حيدر عباس رضوي.
دهشت گردن ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي فعال ترين ميمبر سيد علي حسنين شاھ بخاري کي بي دردي سان شهيد ڪري ڇڏيو.
دهشت گردن اسان جي پاڪ فوج جي جوانن سميت 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي.
اسان بار ايسوسي ايشن جي طرفان شهيد سيد علي حسنين شاھ بخاري جي پونئرن کي 20 ملين معاوضو ڏيڻ جي مطالبي جي حمايت ڪريون ٿا.
ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هنگامي پريس ڪانفرنس.
ڪراچي؛ 4 مارچ؛2015 
           متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي جي ميمبر سيد حيدرعباس رضوي چيو آهي ته وقت سان گڏو گڏ ايم ڪيو ايم جا دهشت گردي جي باري ۾ خدشا درست ثابت ٿي رهيا آهن ۽ شهر ۾ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي طرفان اسان جي ڪارڪنن ۽ ذميوارن سان گڏو گڏ هڪ مخصوص مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي چونڊي چونڊي شهيد ڪيو پيو وڃي. جڏهن ته دهشت گردن اڄ ايم ڪيو ايم ليگل ايڊ ڪميٽي جي هڪ فعال ۽ لائرز فورم جي ميمبر سيد علي حسنين شاھ بخاري کي گهر کان عدالت ويندي بيدردي سان شهيد ڪري ڇڏيو آهي.انهن خيالن جو اظهار انهن سيد علي حسنين شاھ بخاري جي قتل جي خلاف نائن زيرو تي خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ ۾ هڪ هنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر ارشد حسين، ايوب شيخ، اسلم آفريدي ٻيا به موجود هئا.حيدر عباس رضوي چيو ته شهر ۾ وڪيلن، ڊاڪٽرن ، انجنيئرن ۽ صحافين سميت ٻين پروفيشنلن جي قتل جو واقعو ڪوئي اهو پهريون واقعو نه آهي .انهن چيو ته شهيد حسنين شاھ بخاري جو تعلق ضلع اٽڪ سان هو انهن پونئرن ۾ هڪ بيوه ، ٻه نياڻيون ۽ هڪ پٽ ڇڏيو آهي،انهن چيو ته حسنين شاھ بخاري شهيد ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪنن جي گهرن وارن کي انصاف فراهم ڪرائڻ جي لاءِ پنهنجيون خدمتون پيش ڪري ڇڏيون هيون ۽ اڄ اهي عدالت وڃڻ جي لاءِ جيئن ئي گاڏي ۾ سوار ٿيا ته انهن تي فائرنگ ڪئي وئي ۽ اهي شهيد ٿي ويا. انهن چيو ته شهيد علي حسنين جو قتل صرف ايم ڪيو ايم جو ئي نقصان نه بلڪه اسان جي معاشري جو به نقصان آهي. پر اها ڳالھ سمجھ کان ٻاهر آهي ته جڏهن پوري ملڪ ۾ دهشت گرد تنظيمن جي خلاف ڪاروائي ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ته ان حوالي سان ڪنهن موثر حڪمت عملي جو فقدان ڇو آهي؟ انهن چيو ته اسان کي پابندي وڌل تنظيمن جي خلاف موثر حڪمت علي اختيار ڪري ڪاروائي ڪرڻ گهرجي  ان جي ڪري ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ ان سلسلي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. انهن شهيد علي حسنين جي شهادت تي سنڌ هائي ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪرڻ تي سنڌ بار ايسوسي ايشن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ چيف جسٽس سنڌ هائي ڪورٽ جو شڪريو به ادا ڪيو جو انهن شهيد علي حسنين جي قتل جو نوٽس ورتو آهي. انهن چيو ته اسان سڄي سنڌ جي بار ايسوسي ايشنن جا به شڪرگذار آهيون ۽ ڪراچي بار ايسوسي ايشن جا به شڪر گذار آهيون جن شهيد علي حسنين جي شهادت تي احتجاج جي آواز بلند ڪئي آهي . انهن سنڌ هائي ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي طرفان شهيد علي حسنين جي پونئرن جي لاءِ 20 ملين معاوضو ڏيڻ جي مطالبي جي به حمايت ڪندي سنڌ حڪومت کان اهو مطالبو ورجايو . انهن چيو ته ايم ڪيو ايم لاپتا ساٿين جي ڪيسن جي آئيني ۽ قانوني پيروي ڪندي رهندي. انهن وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته  اهي پروفيشنلن ۽ عام ماڻهن جي قتلن تي ڪميٽيون بڻائڻ جي بجاءِ پابندي وڌل تنظيمن جي خاتمي جي لاءِ اهم فيصلا ڪن. هڪ سوال جي جواب ۾ انهن چيو ته  پورو پاڪستان موجوده حالتن ۾ خطرن ۾ وڪوڙيل آهي. دهشت گردن اسان جي پاڪ فوج جي جوانن سميت 80 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي شهيد ڪري ڇڏيو آهي. انهن شهيد جي درجات جي بلندي ۽ پونئرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا به ڪئي.

6/30/2024 9:20:29 AM