Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ننڍن ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ننڍن ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 3/4/2015 1
پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ ملڪ ۾ ننڍن ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇايو وڃي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڪالا باغ ڊيم تي سياست، احتجاج ۽ جهيڙي جون ڳالهيون ٿينديون رهن ٿيون پر ننڍن صوبن جا خدشا ۽ اعتراضَ دور ڪرڻ جي لاءِ عملي قدمَ نه کنيا ويا آهن.
سڄي دنيا ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ ڊيم بڻايا وڃن ٿا، پر جڏهن ته اسان ايڪويهين صدي جي جديد طريقن کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار ئي نه آهيون.
ملڪ ۾ چوڻ ۾ ته جمهوريت آهي پر وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون مڪاني نظام آڻڻ جي مطالبي کان اهڙي طرح خوفزده ٿين ٿيون جيئن عام ماڻهو ڊريڪولا کان خوفزده ٿئي ٿو.
نائن زيرو تي رابطا ڪميٽي سان خصوصي ڳالھ ٻولھ ۽ ملڪ جي مسئلن ۽ انهن جي حل جي لاءِ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ.
لنڊن؛ 4 مارچ؛2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته پاڻي جي ڪمي جي مسئلي جي حل جي لاءِ هنگامي بنيادن تي سڄي ملڪ ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺاهي ڪري پوري ملڪ ۾ ڊيمن جو ڄار وڇايو وڃي.بدقسمتي سان ملڪ ۾ ڪالا باغ ڊيم تي سياست ، احتجاج ۽ جهيڙي جون ڳالهيون ته ٿينديون رهن ٿيون پر ننڍن صوبن جا خدشا ۽ اعتراضَ دور ڪرڻ جي لاءِ تفصيلي بحث نه ڪئي وئي ۽ ڊيمن جي سخت ضرورت کي محسوس ڪندي به ننڍن ڊيمن جي تعمير تي توجه نه ڏني وئي . انهن خيالن جو اظهار انهن نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڪهف الورٰي، رابطا ڪميٽي جي ميمبرن ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، قمر منصور ۽ پنجاب جي صدر ميان عتيق سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي. ملڪ ۾ پاڻي جي مسئلي جو ذڪر ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ جي گهڻڻ ئي علائقن ۾ پيئڻ جو صاف پاڻي اڻ لڀ آهي، عورتن ۽ مردن کي پاڻي حاصل ڪرڻ جي لاءِ تمام گهڻو پنڌ ڪرڻو پوي ٿو. انهن فرمايو ته پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي لاءِ سڄي دنيا ۾ ڊيم بڻايا وڃن ٿا پر جڏهن ته ايڪويهين صدي جي جديد تقاضن جي تحت اسان انهن طريقن کي اختيار ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهيون جن کي استعمال ڪري دنيا ڏينهون ڏينهن ترقي  ڪندي پئي وڃي. انهن فرمايو ته مان بار بار حڪومت کان مطالبو ڪندو رهيو آهيان ته پاڻي جي مسئلي جي حل جي لاءِ ملڪ ۾ هنگامي بنيادن تي ننڍا ننڍا ڊيم بڻائي ڪري پوري ملڪ ۾ ڊيمن جو ڄار وڇايو وڃي. جيستائين وڏن ڊيمن جي ڳالھ آهي ته ان ۾ سڀني کان وڏي تنازعي وارو ڊيم ڪالا باغ ڊيم آهي. جنهن تي بدقسمتي سان سياست ، احتجاج ۽ جهيڙي جون ڳالهيون ته ٿينديون رهيون آهن پر ان سلسلي ۾ ننڍن صوبن جا خدشا ۽ اعتراضَ دور ڪرڻ ۽ پاڻي جي مسئلي جي حل جي لاءِ ڊيمن جي سخت ضرورت کي محسوس ڪندي عملي قدم نه کنيا ويا. قائل ٿي وڃو يا قائل ڪري وٺو، جي اصولن جي تحت جيڪڏهن ان  مسئلي تي سنجيدگي ۽ ايمانداري سان تفصيلي بحث ڪئي وڃي ته ان وچڙيل مسئلي جو حل به ڪڍي سگهجي ٿو. انهن فرمايو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي پاڻي جي ڪمي کي دور ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي نئين سري کان حڪمت عملي ترتيب ڏيئي ڪري سنجيدگي سان ان تي ڪم ڪرڻو پوندو. جناب الطاف حسين فرمايو ته مان دعوٰي سان چوان ٿو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ ننڍن ڊيمن جو ڄار وڇايو ويو يعني ننڍا ننڍا ڊيم بڻايا ويا ته ملڪ کان پاڻي جي ڪمي دور ٿي ويندي. ملڪ ۾ مڪاني نظام جي نه هجڻ تي افسوس جو اظهار ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته اڄ ملڪ ۾ چوڻ ۾ ته جمهوريت آهي پر وفاقي ۽ صوبائي جمهوري حڪومتون مڪاني نظام جي مطالبي کان اهڙي طرح خوفزده ٿين ٿيون جيئن جو عام ماڻهو جادوئي ڪهاڻيون ٻڌي ڪري ڊريڪولا جي روپ ۾ اچڻ واري شخص کان خوفزده ٿي وڃي ٿو. انهن فرمايو ته اڄ صورتحال اها آهي ته ملڪ ۾ صحت جون سهولتون اڻ لڀ آهن، تعليمي نظام انتهائي ناڪاره ۽ غير موثر آهي، ٽرانسپورٽ جي لاءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي بجاءِ سي اين جي جو نظام ملڪ ۾ آندو ويو ، ان جي صورتحال اها آهي ته گاڏين ۾ گيس سلنڊر جي تنصيب جي چيڪنگ جو ڪوئي به نظام نه آهي ۽ بسن، ويگنن ۽ ٻين گاڏين ۾ لڳل ناقص گيس سلينڊر هلندڙ ڦرندڙ بمن جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن. جن جي ذريعي معصوم ماڻهن جي جانين سان کيڏڻ جو عمل روز جو معمول بڻجي چڪو آهي. ان کان وڌيڪ افسوس جي ڳالھ اها آهي ته حڪومت ۽ لاڳاپيل بااثر ادارا انهن ناقص سلينڊرن جي تياري ۽ استعمال تي خاموش تماشائي بڻيل آهن. انهن فرمايو ته مان مسلسل مطالبو ڪري رهيو آهيان ته گاڏين ۽ خاص طور تي مسافر گاڏين کي گيس سلنڊرن تي هلائڻ تي پابندي لڳائي وڃي پر ان نغار خاني ۾ طوطي جي آواز ٻڌڻ وارو ڪوئي به نه آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته تعليمي نظام جي بهتري ۽ تعليم جي فروغ جي لاءِ ضروري آهي ته ملڪ جي ڪنڊ ڪنڊ ۾ ايستائين جو ڳوٺن ۾ به تعليمي مرڪز قائم ڪيا وڃن، حڪومت پوري ملڪ ۾ ميٽرڪ تائين مفت تعليم ڏيڻ جو فوري طور تي بندوبست ڪري. انهن فرمايو ته غريب ۽ ڇنيل کٽ تي ويهي ڪري ۽ ڦاٽل ۽ پراڻيون ڪتابون پڙهڻ وارن شاگردن جي لاءِ ليپ ٽاپ هڪ رانديڪي کان وڌيڪ ڪائي به حيثيت نه ٿو رکي ڇو ته شاگردن ۽ انهن جي والدين جي لاءِ ليپ ٽاپ جو خريد ڪرڻ انهن جي پهچ کان ٻاهر آهي.جناب الطاف حسين فرمايو ته گيس ۽ بجلي جي لوڊشيڊنگ به عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي ۽ روز روز بجلي ۽ گيس جي لوڊ شيڊنگ عام ماڻهو کي خصوصن رڌ پچاءُ ڪرڻ وارين گهريلو عورتن کي نفسياتي مريض بڻائي ڇڏيو آهي. ان جي ڪري حڪومت کي گهرجي ته اها عوام کي فقط اعلانن سان ورڳلائڻ جي بجاءِ بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي جي لاءِ هنگامي بنيادن تي عملي ڪوششون ڪري . 
*****

6/30/2024 9:23:11 AM