راولپنڊي ۾ هڪ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 3 مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين طوفاني برساتن جي ڪري راولپنڊي ۾ هڪ عمارت ڪرڻ جي نتيجي ۾ ڪجھ ماڻهن جي هلاڪ ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته اهو هڪ وڏو سانحو آهي. جنهن ۾ عورتن سميت ڪجھ ماڻهو ۽ ٻار زخمي به ٿيا آهن. انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪريل عمارت جي ڍير مان ماڻهن کي ڪڍڻ جي لاءِ سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن. جناب الطاف حسين ان حادثي ۾ هلاڪ ٿيندڙ ماڻهن جي تمام سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعالٰي هلاڪ ٿيندڙن کي پنهنجي جواررحمت ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي. آمين.