Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 3/1/2015 1
پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون نه ملڻ تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
ڪراچي؛ پهرين مارچ 2015 
          متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي پاڪستان اسٽيل مل جي ملازمن کي گذريل ڪيترن ئي مهينن کان پگهارون  نه ملڻ تي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اسٽيل مل ۾ اعلٰي عهدن تي فائز ماڻهن پنهنجين ناقص پاليسين ۽ ذاتي مفادن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ اسٽيل مل جهڙي اهم اداري کي تباھ ڪري ڇڏيو آهي. انهن چيو ته اسٽيل مل جا ملازم وڏي محنت ۽ ايمانداري سان پنهنجي ڊيوٽي ادا ڪري رهيا آهن پر ڊيوٽي جي بدلي ۾ انهن کي پگهارون وقت تي نه ملي رهيون آهن. رابطا ڪميٽي چيو ته اسٽيل مل سميت ٻيا ڪيترائي ادارا اهڙي صورتحال کي منهن ڏيئي رهيا آهن. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف کان مطالبو ڪيو ته اهي اسٽيل مل جي ملازمن کي پگهارون ڏيڻ جو حڪم صادر فرمائين.a

6/30/2024 9:20:55 AM