ايم ڪيو ايم جي شهيد ڪارڪن سليم اصغر کي اورنگي ٽائون جي نور علي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.
ڪراچي؛ پهرين مارچ 2015
متحده قومي موومينٽ جي شهيد ڪارڪن سليم اصغر شهيد جي جنازي نماز ڪالي پهاڙي گرائونڊ اورنگي ٽائون ۾ ادا ڪئي وئي ۽ نور علي شاھ قبرستان ۾ شهيد کي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي نماز ۽ تدفين ۾ رابطا ڪميٽي جي ميمبر عبدالحسيب، ايم ڪيو ايم پنجاب جي صدر ميان عتيق ۽ حق پرست ميمبرن کان علاوه شهيد جي مٽن مائٽن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. تدفين کان پوءِ عبدالحسيب شهيد جي پونئرن سان ملاقات ڪري انهن کي جناب الطاف حسين جي طرفان دلي همدردي ۽ تعزيت جو پيغام به پهچايو.