Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ هڪ مخصوص مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن کي گرفتار ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ هڪ مخصوص مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن کي گرفتار ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 3/1/2015 1
اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ هڪ مخصوص مڪتبه فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن کي گرفتار ڪيو وڃي. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
پابندي وڌل تنظيم جي دهشت گردن جي فائرنگ سان زخمي ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد سليم اصغر جي شهادت تي افسوس جو اظهار.
ڪراچي؛ پهرين مارچ 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ٻه ڏينهن اڳ پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جي فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي ڪارڪن محمد سليم اصغر جي شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي ۽ وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ مخصوص مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي نشانو بڻائڻ وارن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن کي گرفتار ڪيو وڃي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته اورنگي ٽائون پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن جو ڳڙھ بڻجي چڪو آهي. جتي اهي دهشت گرد ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ هڪ مخصوص مڪتبه فڪر جي ماڻهن کي چونڊي چونڊي نشانو بڻائي رهيا آهن. گذريل هڪ سال جي دوران اورنگي ٽائون ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن ۽ همدردن کي انهن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت گردن شهيد ڪيو آهي. رابطا ڪميٽي ان ڳالھ تي افسوس جو اظهار ڪيو ته حڪومت جي بالا آفيسرن کي بار بار ان صورتحال کان آگاھ ڪرڻ جي باوجود اورنگي ٽائون ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جون وارداتون ڪرڻ وارن پابندي وڌل تنظيمن جي دهشت 
گردن جي خلاف ڪا به ڪاروائي نه پئي ڪئي وڃي جنهن جي ڪري انهن دهشت گردن جي ڪاروائين ۾ لڳاتار اضافو ٿي رهيو آهي. ٻه ڏينهن اڳ به ايم ڪيو ايم جي همدرد علي حيدر زيدي کي شهيد ۽ محمد سليم اصغر کي سخت زخمي ڪيو ويو هو جيڪو زخمن جا سور نه سهندي آخر شهيد ٿي ويو. رابطا ڪميٽي چيو ته عوام اهو سوال ڪرڻ جو حق رکن ٿا ته آخر فرقي واريت جي بنياد تي قتل و غارتگري جا واقعا صرف ڪراچي ۾ ئي ڇو ٿي رهيا آهن؟ انهن دهشت گردن جي خلاف ڪاروائي ڇو نه ٿي ڪئي وڃي ۽ حڪمرانن کي اهي بندوق وارا نظر ڇو نه ٿا اچن؟ آخر انهن دهشت گردن جي خلاف قانون ڪڏهن حرڪت ۾ ايندو؟ رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، آرمي چيف جنرل راحيل شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان پرزور مطالبو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن سليم اصغر شهيد ۽ علي حيدر شهيد ۽ ٻين شهيدن جي قاتلن کي فوري طور تي گرفتار ڪيو وڃي ۽ انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏني وڃي. رابطا ڪميٽي سليم اصغر شهيد ۽ علي حيدر زيدي شهيد جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ دعا ڪئي ته الله تعالٰي ٻنهي شهيدن جي مغفرت فرمائي ، انهن کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين.

7/17/2024 6:02:09 PM