Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته ليبر قانونن ۾ انقلابي تبديليون آڻينداسين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته ليبر قانونن ۾ انقلابي تبديليون آڻينداسين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/28/2015
ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت آئي ته ليبر قانونن ۾ انقلابي تبديليون آڻينداسين.قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
اهڙيون تبديليون آڻينداسين جو ڪوئي به مزدور پنهنجن ٻارن جي لاءِ تعليم ۽ علاج معالجي جي لاءِ پريشان نه ٿيندو.
پاڪستان ۾ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا هڪ وڏي سازش جو حصو آهن جنهن جو مقصد قوم جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ آهي.
پاڪستان تاريخ جي سڀني کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي، ملڪ کي انتشار جي نه بلڪه ڀائيچاري جي ضرورت آهي.
ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي 28 هين سالانه ڪنوينشن کي ٽيليفونڪ خطاب.
لنڊن؛ 28 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت قائم ٿئي ٿي ته اسان 21 هين صدي جي جديد تقاضن جي مطابق ليبرقانونن ۾ اهڙيون تبديليون آڻينداسين جو ڪوئي به مزدور پنهنجن ٻارن جي لاءِ تعليم ۽ علاج معالجي جي لاءِ پريشان نه ٿيندو. پاڪستان ۾ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا هڪ وڏي سازش جو حصو آهن. جنهن جو مقصد قوم جي اتحاد کي ٽڪڙا ٽڪڙا ڪرڻ آهي. عوام ان سازش کي سمجهن ۽ پنهنجي اتحاد سان ان سازش 
کي ناڪام بڻائي ڇڏين ۽ پاڪستان کي مظبوط ۽ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. انهن خيالن جو اظهار انهن ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي 28 هين سالانه ڪنوينشن کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمايو. ڪنوينشن ۾ ليبرڊويزن جي ڪارڪنن ۽ مختلف ادارن جي مزدورن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. جناب الطاف حسين خراب موسم جي باوجود ڪارڪنن جي نظم و ضبط سان شرڪت ۽ مظاهري تي انهن کي خراج تحسين به پيش ڪيو. انهن ليبرڊويزن جي سمورن ذميوارن ۽ ڪارڪنن کي 28 هين سالانه ڪنوينشن جي مبارڪباد به پيش ڪئي ۽ فرمايو ته اڄ 28 هين فيبروري آهي ۽ ليبرڊويزن جو 28 هون سالانه ڪنوينشن آهي ۽ جيڪا تنظيم پنهنجي قيام کان پوءِ جدوجهد جا 28 سال گذاري وٺي ته ان کي ڪائي به طاقت ختم نه ٿي ڪري سگهي. جناب الطاف حسين ليبرڊويزن جي تاريخ تي روشني وجهندي فرمايو ته تحريڪ شروع ٿي ته مزدورن جي مسئلن جي حل جي لاءِ ليبرڊويزن تشڪيل ڏني وئي. ان وقت صرف اردو ڳالهائڻ وارا شامل هئا. پر تحريڪ جو قافلو وڌندو رهيو ۽ ان ۾ تمام زبانون ڳالهائڻ وارا به شامل ٿي ويا ۽ اڄ ايم ڪيو ايم جي قافلي ۾ سڀني قومن جا مزدور شامل آهن. مزدورن جي اتحاد جي ڪري اڄ ڪيترن ئي ادارن ۾ ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي حمايت يافته سي بي ايز موجود آهن. ليبرڊويزن جي انهن ڪاميابين ۾ تمام گهڻڻ شهيدن جون قربانيون شامل آهن جن ۾ ليبرڊويزن جو انچارج شهزاد مرزٰي شهيد ۽ ٻيا لاتعداد شهيد شامل آهن. انهن شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪيو ۽ ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي شهيدن کي نه وسارين، ڇو ته زنده قومون ڪڏهن به شهيدن جي قربانين کي فراموش نه ٿيون ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي ڪارڪنن جي لاءِ سينيٽ جي اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ اميدوارن بيرسٽر محمد علي سيف ۽ محترمه نگهت مرزٰي حنا جي ڪاميابي 28 هين ڪنوينشن جي موقعي تي هڪ تحفو آهي. انهن سينيٽ جي اليڪشن ۾ ايم ڪيو ايم ۽ پي پي جي اميدوارن جي بغير ڪنهن مقابلي جي ڪاميابي تي آصف زرداري، رحمٰن ملڪ ۽ پي پي جي ٻين رهنمائن کي مبارڪباد پيش ڪئي ۽ انهن جو شڪريو به ادا ڪيو. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۾ هڪ طرف ته پاڪ فوج ملڪ کي بچائڻ جي لاءِ دهشت گردن جي خلاف ضرب 
عضب ۾ مصروف آهي. ان ۾ جنرل، بريگيڊيئر ۽ ٻيا فوجي پنهنجين جانين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن. انهن فرمايو ته ملڪ نازڪ صورتحال مان گذري رهيو آهي ۽ عالمي سپرطاقتون امداد ۽ قرض ڏيڻ جي سلسلي ۾ طرح طرح جون شرطون پاڪستان تي عائد ڪري رهيون آهن. جڏهن ته ٻئي طرف پاڪستان تاريخ جي تمام وڏي جنگ ۾ مصروف آهي. اهڙي ۾ ملڪ کي انتشار جي نه بلڪه ڀائيچاري جي ضرورت آهي. انهن وڌيڪ فرمايو ته هڪ طرف دشمن مسجدن،امام بارگاهن ۽ سرڪاري ملڪيتن تي خودڪش ڌماڪا ڪري رهيا آهن، ٻئي طرف دهشت گردن ڪراچي ۽ ملڪ جي مختلف شهرن ۾ لڳاتار فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي. اهي واقعا هڪ وڏي سازش جو حصو آهن. جنهن جو مقصد فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائي ڪري ماضي وانگر عوام جي اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ آهي. انهن اپيل ڪئي ته عوام خدا جي واسطي ان سازش کي سمجهن، صبر کان ڪم وٺن ۽ پنهنجي اتحاد سان ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏين. انهن فرمايو ته علم جا فائدا به ان وقت حاصل ڪري سگهجن ٿا جڏهن مزدور طبقو گڏ هجي. يعني علم مزدورن جو محتاج آهي. ان جي ڪري مزدورن جي عزت ڪرڻ گهرجي ۽ انهن جي محنت جي مطابق انهن کي معاوضو ادا ڪرڻ گهرجي. انهن فرمايو ته ملڪ ۾ ايم ڪيو ايم جي حڪومت قائم ٿي ته اسان 21 هين صدي جي جديد تقاضن جي مطابق ليبرقانونن ۾ اهڙيون تبديليون آڻينداسين جو ڪوئي به مزدور پنهنجن ٻارن جي لاءِ تعليم ۽ علاج معالجي جي لاءِ پريشان نه ٿيندو. انهن ليبرڊويزن جي ڪارڪنن کي چيو ته اوهان جتي به ڪم ڪندا هجو حق حلال جي روزي ڪمايو ۽ محنت ڪرڻ کان نه ڪيٻايو.انهن فرمايو ته محنت ۾ برڪت آهي ۽ عظمت به آهي ۽ ترقي ۽ خوشحالي به آهي ان ڪري مزدور ڪم ڪرڻ ۾ ڪنهن به قسم جو عار محسوس نه ڪن.انهن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته پي آئي اي، پي ٽي سي ايل، سابقه واپڊا ۽ ٻين ادارن جا ملازم مسئلن جو شڪار آهن انهن جي مسئلن تي توجه ڏني وڃي ۽ انهن کي حل ڪيو وڃي. انهن فرمايو ته مان پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اينڪر پرسنن، ڪيميرن مينن، فوٽو گرافرن، ٽيڪنيشنز ۽ ڊرائيورن سميت ڊي ايس اين جي تمام اسٽاف کي به مزدور طبقي ۾ شامل ڪريان ٿو. اهي پنهنجن هٿن تي جان رکي 
ڪري هر خطري واري جڳھ تي پهچي ڪري ڪوريج ڪن ٿا. انهن مان ڪن کي تشدد جو نشانو به بڻايو وڃي ٿو ايستائين جو عورت رپورٽرن جي عزت ۽ تقدس جو به خيال نه ٿو رکيو وڃي جيڪا افسوسناڪ ڳالھ آهي.انهن تمام سياسي و مذهبي جماعتن کي چيو ته ميڊيا جا اهي نمائندا اسان جا ڀائر ۽ ڀينرون آهن.اسان کي انهن کي تنگ نه ڪرڻ گهرجي. بلڪه انهن جي هر ممڪن مدد ڪرڻ گهرجي.انهن پرنٽ و اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مالڪن کي اپيل ڪئي ته صحافين کي ويج بورڊ ايوارڊ ڏنو وڃي ۽ جلد کان جلد صحافين کي انهن جا جائز حق ڏنا وڃن. انهن فرمايو ته صحافت ۾ پيسي جي عمل دخل جي ڪري صحافت جي نالي تي هڪ ٻئي جا پٽڪا لاهڻ جو عمل بند ڪيو وڃي، ان جي ڪري ميڊيا جا مالڪ ان قسم جا پروگرام نشر نه ڪن جن سان ڪنهن جي تذليل ٿيندي هجي. ميڊيا کي مثبت تنقيد ڪرڻ جو حق آهي پر اها ڪنهن جي لاءِ به غير شائسته ۽ توهين وارا لفظ استعمال نه ڪري. انهن دعا فرمائي ته الله تعالٰي تمام تحريڪي ساٿين جي دلي مرادن کي پورو ڪري ، ايم ڪيو ايم کي ڪاميابين سان همڪنار ڪري.پاڪستان کي ترقي و خوشحالي عطا فرمائي، ملڪ کان دهشت گردي جو خاتمو ڪري ۽ پاڪستان تي سٺن حڪمرانن جي حڪومت قائم ڪري.آمين. 

7/17/2024 6:08:21 PM