ايم ڪيو ايم اورنگي ٽائون سيڪٽر جي سينيئر ڪارڪن سليم اصغر جي علاج جي دوران شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان افسوس جو اظهار.
لنڊن؛ 28 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم قصبه علي ڳڙھ سيڪٽر يونٽ 131 جي سينيئر ڪارڪن سليم اصغر ولد علي اصغر جي علاج جي دوران شهادت تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ تعزيتي بيان ۾ جناب الطاف حسين شهيد جي پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي سليم اصغر شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين. واضع رهي ته سليم اصغر کي ڪالھ جمعي نماز جي ادائگي کان پوءِ اڻ ڄاتل دهشت گردن فائرنگ ڪري زخمي ڪري ڇڏيو هو.