Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ اسٽيٽس جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ اسٽيٽس جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/28/2015
ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ اسٽيٽس جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
انشاء الله تعالٰي پاڪستان ۾ مثبت انقلابي تبديلي ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان ئي ايندي.
بيرسٽر محمد علي سيف ۽ محترمه نگهت مرزٰي حنا پاڪستان جي مظلوم عوام جي حقن، ملڪ تي ٿوپيل اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ ۽ ڪرپٽ سياسي ڪلچر جي خاتمي جي لاءِ همت و جرت سان سينيٽ جي ايوان ۾ آواز اٿاريندا.
نائن زيرو تي نگهت مرزٰي ۽ بيرسٽر محمد علي سيف جي بغير ڪنهن مقابلي جي چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ ايندڙ ڪارڪنن جي اجتماع کي خطاب.
لنڊن؛ 28 فيبروري 2015 
           متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي ڪرپٽ سياسي ڪلچر ۽ اسٽيٽس ڪو جي خاتمي جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ انشاء الله تعالٰي پاڪستان ۾ مثبت تبديلي ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان ئي ايندي. اها ڳالھ انهن ايم ڪيو ايم جي مرڪز نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي اميدوارن محترمه نگهت مرزٰي ۽ بيرسٽر محمد علي سيف جي بغير ڪنهن مقابلي جي ڪامياب ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيڻ جي لاءِ جمع ٿيندڙ ڪارڪنن جي اجتماع کي ٽيليفونڪ خطاب ڪندي فرمائي. ان کان اڳ جڏهن نوان چونڊيل سينيٽر نائن زيرو پهتا ته ڪارڪنن انهن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ انهن تي گل به نشاور ڪيا. جناب الطاف حسين سينيٽرن جي ڪاميابي تي سمورن ڪارڪنن کي دلي مبارڪباد پيش ڪندي فرمايو ته قرآن پاڪ ۾ مايوسي کان بچڻ ۽ ثابت قدمي سان جدوجهد ڪندي رهڻ جو درس ڏنو ويو آهي.الله تعالٰي جو ارشاد پاڪ آهي ته خدا ان قوم جي تقدير نه ٿو بدلي جيڪا قوم پنهنجي تقدير پاڻ بدلڻ نه ٿي چاهي. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم امانت، ديانت ۽ صداقت جو درس ڏنو آهي. نبي پاڪ صلي الله عليه وسلم صرف محنت ڪرڻ جو درس ئي نه ڏنو بلڪه محنت جا سمورا ڪم پنهنجن هٿن سان انجام به ڏنا. جناب الطاف حسين فرمايو ته بدقسمتي سان اسان ٻين کي محنت جو درس ته ڏيون ٿا پر پاڻ ان تي عمل نه ٿا ڪريون، جن قومن جو اهو طريقو هوندو آهي اهي بي عمل قومون چورائين ٿيون ۽ اهي ترقي ۽ ڪاميابي جا ڏاڪا نه ٿيون چڙهن. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم کي سنڌين، پنجابين، پختونن، بلوچن، سرائيڪن، ڪشميرين، هزاري وال، گلگتين ۽ بلتستانين جو دشمن قرار ڏنو ويو. ايم ڪيو ايم جي خلاف منفي پروفيگنڊا ڪيا ويندارهيا، پر اسان مايوس نه ٿياسين. حق پرستي جي خاطر شهادتون ڏيندارهياسين، جيلن جون تڪليفون برداشت ڪندارهياسين ۽ جلاوطني جي زندگي گذاريندا رهياسين. الطاف حسين25 سالن کان پنهنجن کان پري زندگي گذاري رهيو آهي پر قائد کي ڪارڪنن ۽ ڪارڪنن کي قائد کان پري ڪرڻ وارا نه ٿا ڄاڻيڻ ته حق اچڻ جي لاءِ ۽ باطل مٽجڻ جي لاءِ آهي. انهن فرمايو ته جيڪي عناصر ڪوڙيون ڪهاڻيون گهڙي تعصب ۽ عصبيت جا الزام ايم ڪيو ايم تي هڻندا هئا انهن جي لاءِ خيبرپختونخواھ کان ۽ هڪ گهريلو عورت جو ايم ڪيو ايم جي جهنڊي هيٺان بغير ڪنهن مقابلي جي سينيٽر چونڊجڻ  ان ڳالھ جو ثبوت آهي ته ايم ڪيو ايم نه ته عورتن سان امتيازي ورتاءُ رکي ٿي ۽ نه ئي ڪنهن قوم کان نفرت ڪري ٿي. انهن فرمايو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان جي واحد سچي جماعت آهي  جيڪا اسٽيٽس ڪو جي خاتمي ۽ ملڪ ۾ مثبت تبديلي جي لاءِ عملي جدوجهد ڪري رهي آهي ۽ مان دعوٰي سان چوان ٿو ته نه صرف سائوٿ ايشيا بلڪه پوري دنيا ۾ ايم ڪيو ايم جي برابر ڪائي به جماعت نه آهي. انهن اميد ظاهر ڪئي ته بيرسٽر محمد علي سيف ۽ محترمه نگهت مرزٰي حنا پاڪستان جي مظلوم عوام جي حقن، ملڪ تي ٿوپيل اسٽيٽس ڪو کي ٽوڙڻ ۽ ڪرپٽ سياسي ڪلچر جي خاتمي جي لاءِ همت و جرت سان سينيٽ جي ايوان ۾ آواز اٿاريندا.  انهن پاڪستان جي سموررين قومن سان تعلق رکندڙ سمورن ماڻهن کي مخاطب ڪندي فرمايو ته ايم ڪيو ايم صرف اردو ڳالهائڻ وارن جي جماعت نه آهي. بلڪه پاڪستان جي سمورين نسلي، لساني ۽ ثقافتي قومن ۽ تمام مذهبن سان تعلق رکڻ وارن پاڪستانين جي جماعت آهي جيڪا ملڪ جي هر مظلوم کي آرام ۽ سڪون ڏيڻ، انهن کي علم جي دولت سان مالا مال ڪرڻ ۽ عوام جي مسئلن جو حل ڏسڻ چاهي ٿي.جناب الطاف حسين لاهور هائي ڪورٽ بار جي سالانه اليڪشن ۾ ڪامياب ٿيندڙ پينل جي ميمبرن کي دل جي گهرائين سان مبارڪباد به پيش ڪئي.ان موقعي تي نون چونڊيل سينيٽرن بيرسٽر محمد علي سيف ۽ محترمه نگهت مرزٰي حنا جناب الطاف حسين کي يقين ڏياريو ته تحريڪ انهن تي جيڪو اعتماد ڪيو آهي اهي ان تي پوري لهڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪندا ۽ سڄي ملڪ جي مظلومن جي حقن جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪندا.

6/30/2024 9:21:03 AM