Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

سينيٽ اليڪشن جي موجوده بحران تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.


سينيٽ اليڪشن جي موجوده بحران تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
 Posted on: 2/28/2015
سينيٽ اليڪشن جي موجوده بحران تي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي طرفان ڳڻتي جو اظهار.
سپريم ڪورٽ ملڪ کي پيش آيل صورتحال کان بچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
داعش ۽ طالبان جي موجوده ڌمڪين ۽ حملن پاڪستان کي نه چاهيندي به جنگ  ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي.
ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن ۽ آدمشماري جو نه ٿيڻ جمهوريت جي وڏن وڏن دعوائن تي بدنما داغ آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 28 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي باني و قائد جناب الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ سينيٽ اليڪشن جي موجوده بحران تي پنهنجي ڳڻتي ۽ ڏک جو اظهار ڪيو آهي ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان تي زور ڏنو آهي ته اها ملڪ کي پيش آيل صورتحال کان بچائڻ جي لاءِ اڳتي وڌي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته آمريڪا، ڪينيڊا۽ انڊيا سميت تحريري آئين رکڻ وارن ٻين ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ صرف حتمي صلاح  ڏيندڙ ئي نه هوندي آهي پر آئين جي سرپرست به هوندي آهي. جناب الطاف حسين وڌيڪ فرمايو ته هن وقت پاڪستان امن و امان ۽ ڪمزور معيشت جو سامنو ڪري رهيو آهي. جڏهن ته داعش ۽ طالبان جي موجوده ڌمڪين ۽ حملن پاڪستان کي نه چاهيندي به جنگ  ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي. ان صورتحال ۾ مئي 2013 جي اليڪشن کان پوءِ سامهون ايندڙ ڌانڌلي جي الزامن ۽ ان جي جوابن صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيو آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته پاڪستان جي عوام کي اڄ روزمره جي ضرورت جي شين جي وڌنڌڙ قيمتن ۾ اضافي جو سامنو آهي. جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي مصنوعات جي قيمتن ۾ خاطر خواھ ڪمي جي باوجود پاڪستان ۾ تيل جي مصنوعات، گيس ۽ پيٽرول جي ڪمي برقرار آهي. جنهن جي ڪري ملڪ جون صنعتون بري طرح سان متاثر ٿي رهيون آهن. جناب الطاف حسين فرمايو ته ملڪ ۾ مڪاني اليڪشن ۽ آدمشماري جو نه ٿيڻ جمهوريت جي باري ۾ اسان جي مسلسل ۽ وڏن وڏن دعوائن تي بدنما داغ  آهي. جناب الطاف حسين فرمايو ته هن وقت ملڪ کي سينيٽ جي اليڪشن جي حوالي سان پيدا ٿيندڙ تڪرار جو سامنو آهي. هڪ طرف چيو پيو وڃي ته ووٽرن جي سڃاڻپ کي محفوظ رکڻ جي لاءِ رائي شماري ڳجهي طريقي سان ٿيڻ گهرجي پر جڏهن ته ٻئي طرف ان ڳالھ تي زور ڏنو پيو وڃي ته کليل رائي شماري يا هٿ مٿي کڻي ڪري رائي شماري ڪرائي وڃي. انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪڏهن معاملي کي حل ڪرڻ جي لاءِ ان کي چونڊيل ايوانن ۾ اٿاريو ويو ۽ آئيني ترميم آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته عددي نمبرن جي ڪري ان سان معاملو حل ٿيڻ جي بجاءِ وڌيڪ وچڙڻ جو خطرو آهي. انهن فرمايو ته ضرورت ان ڳالھ جي آهي ته ان موقعي تي نه صرف سينيٽ جي اليڪشن جي طريقه ڪار جي باري ۾ بلڪه مڪاني اليڪشن، اليڪشن ۾ ڌانڌلي جي الزامن جي تحقيقات ۽ ان جي ازالي ۽ اليڪشن سڌارن جي باري ۾ درست ۽ عقل وارا فيصلا ڪيا وڃن.انهن فرمايو ته ڇو ته سپريم ڪورٽ پاڪستان جي آئين جي سرپرست ۽ محافظ به آهي ان جي لاءِ مان سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جسٽس ناصر الملڪ ۽ سپريم ڪورٽ جي فاضل جج صاحبان کي اپيل ڪريان ٿو ته اهي آئين پاڪستان جي شق (3)184 جي تحت سوموٽو ايڪشن وٺي ڪري آئين جي شقن 187 ،189 ۽ 190 جي تحت سينيٽ  اليڪشن جي انعقاد جي طريقه ڪار جي باري ۾ مناسب طريقه ڪار طئي ڪن ۽ سپريم ڪورٽ جي رول نمبر 32 جي تحت هڪ ڪميشن جو تقرر ڪيو وڃي.جنهن ۾ پاڪ فوج جي نمائندن، اسيمبلي جي ميمبرن، وڪيلن، ماهرن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو تقرر ڪيو وڃي ۽ اهو ڪميشن ملڪ کي موجوده بحران کان ڪڍڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري. انهن فرمايو ته پاڪستان گهڻڻ ئي مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي ۽ جيڪڏهن مذڪوره مسئلا جن جو مان ذڪر ڪيو آهي انهن جو حل تلاش ڪيو ويو ته قوم هڪ بنيادي ۽ اهم مسئلي يعني آپريشن ضرب عضب تي متحد ٿي سگهندي ڇو ته ضرب عضب ۾ صرف دهشت گردن جي خلاف ئي نه بلڪه پاڪستانين جي بقا جو به مسئلو آهي. جناب الطاف حسين موجوده بحران تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي سپريم ڪورٽ کي اپيل ڪئي آهي ته اها اڳتي وڌي ڪري ان مسئلي کي حل ڪري.

6/30/2024 9:27:22 AM