ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان ڪي _21 نيوز چينل جي ڪوريج ٽيم کان ڦورن جي لٽ مار ۽ انهن کي مارڪٽ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت.
ڪراچي؛ 27 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪي _21 نيوز چينل جي ڪوريج ٽيم کان ڦورن جي لٽ مار ۽ ان دوران ٻن ڪيميره مينن اجلان ۽ جلال کي مارڪٽ ڪرڻ جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ مذمتي بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته شهر ۾ ڏوهاري ماڻهن جي ڪاروائين کان ڪوئي به محفوظ نه آهي ۽ روزانه لکين شهري پنهنجين قيمتي شين کان محروم ٿين ٿا، جڏهن ته انهن ڦورن جي نظر ۾ قيمتي انساني جانين جي به ڪائي اهميت نه آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ ۽ آئي جي سنڌ پوليس کان مطالبو ڪيو ته اهي اجلان ۽ جلال کان لٽ مار ۽ انهن کي مارڪٽ ڪرڻ جي واقعي جو نوٽس وٺن ۽ ڦورن کي گرفتار ڪري انهن کي قانون جي مطابق سخت ترين سزا ڏيارين ۽ شهرين جي جان و مال جي تحفظ جي لاءِ هر ممڪن قدم کنيا وڃن.