Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

لڳاتار ٿيندڙ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا هڪ وڏي سازش جو حصو آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.


لڳاتار ٿيندڙ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا هڪ وڏي سازش جو حصو آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
 Posted on: 2/27/2015
لڳاتار ٿيندڙ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جا واقعا هڪ وڏي سازش جو حصو آهن. ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي.
ان سازش جو مقصد ڪراچي ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ ۽ ڪراچي جي عوام کي فرقي وارانه بنيادن تي ورهائي انهن جي اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ آهي. رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 27 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي ڪراچي ۾ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪنن ۽ همدردن سميت ٻين ماڻهن جي هلاڪ و زخمي ٿيڻ جي واقعن جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪندي ان تي پنهنجي وڏي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته ڪجھ عناصر هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت ڪراچي ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ جي لاءِ ڪافي عرصي کان سازشون ڪري رهيا آهن. انهي سازش جي تحت ماضي ۾ به شيعن ۽ سني عالمن سڳورن، ڊاڪٽرن، پروفيسرن ۽ ٻين شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن جون ٽارگيٽ ڪلنگز ڪيون ويون ۽ هاڻي به انهن واقعن جو سلسلو جاري آهي. اڄ هڪ طرف اورنگي ٽائون نمبر 10 ۾ ٻن اهل تشيع نوجوانن محمد سليم اصغر ۽ علي حيدر زيدي کي نشانو بڻايو ويو جن ۾ محمد سليم ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن آهي. جڏهن ته ٻئي طرف ڪراچي جي ٻين علائقن ۾ به سني فقه سان تعلق رکندڙ ماڻهن کي نشانو بڻايو ويو. رابطا ڪميٽي چيو ته لڳاتار فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جا اهي واقعا انهي سازش جو حصو آهن جنهن جو مقصد ڪراچي ۾ فرقي وارانه فسادن جي باھ ڀڙڪائڻ ۽ ڪراچي جي عوام کي ماضي وانگر فرقي وارانه بنيادن تي ورهائي ڪري انهن جي اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ آهي. رابطا ڪميٽي عوام کي اپيل ڪئي ته اهي خدا جي واسطي ان سازش کي سمجهن، صبر ۽ برداشت کان ڪم وٺن ۽ پنهنجي اتحاد سان ان سازش کي ناڪام بڻائي ڇڏين. رابطا ڪميٽي چيو ته ڪراچي ۾ فرقي وارانه پابندي وڌل تنظيمن جون سرگرميون ماضي جي مقابلي ۾ وڌي ويون آهن جنهن سان شهر ۾ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي. ڪراچي ۾ لڳاتار ٿيندڙ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ جي واقعن جي ڪري ڪراچي جا ماڻهو اهو سوچڻ تي مجبور آهن ته انهن واقعن جي ذريعي ڪراچي کي هڪ سوچيل سمجهيل منصوبي جي تحت غير مستحڪم ڪيو پيو وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته اسان وزير اعظم نواز شريف جي ان ڳالھ جي تائيد ڪريون ٿا ته بندوق صرف رياست وٽ هجڻ گهرجي ۽ جيڪي عناصر بندوق جي زور تي ماڻهن جو قتل ڪن انهن سان سختي سان نڀريو وڃي ته پوءِ اسان جو سوال اهو آهي ته ڇا فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگ ڪرڻ وارا اهي عناصر رياست کان به وڌيڪ طاقتور آهن جو اهي اهڙي طرح ڪاروائيون ڪري رهيا آهن؟ آخر انهن سان سخت طريقي سان ڇو نه ٿو نڀريو وڃي؟ رابطا ڪميٽي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪراچي ۾ فرقي وارانه ٽارگيٽ ڪلنگز ڪرڻ وارن انهن دهشت گردن جي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي، انهن کي گرفتار ڪيو وڃي ۽ ثبوتن ۽ شاهدين سان گڏ عدالتن کان سزائون ڏياري ڪري کلي عام سزا ڏني وڃي ۽ شهر کي انهن کان نجات ڏياري وڃي.

7/17/2024 2:37:08 PM