هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم جي همدرد علي حيدر زيدي جي شهادت تي جناب الطاف حسين جي طرفان تعزيت جو اظهار.
فائرنگ سان ايم ڪيو ايم جو ڪارڪن محمد سليم اصغر به زخمي.
لنڊن؛ 27 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين اورنگي ٽائون ۾ هٿياربند دهشت گردن جي فائرنگ سان ايم ڪيو ايم جي همدرد علي حيدر زيدي ولد مسڪين جي شهادت ۽ اورنگي ٽائون يونٽ 131 جي ڪارڪن محمد سليم اصغر جي زخمي ٿيڻ تي وڏي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ جناب الطاف حسين علي حيدر شهيد جي سوگوار پونئرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪندي فرمايو ته ڏک جي ان گهڙي ۾ مون سميت ايم ڪيو ايم جا تمام ڪارڪن اوهان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهن. جناب الطاف حسين دعا فرمائي ته الله تعالٰي شهيد کي جنت الفردوس ۾ اعلٰي مقام عطا فرمائي ۽ سوگوار پونئرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.آمين. جناب الطاف حسين دهشت گردن جي فائرنگ سان زخمي ٿيندڙ ايم ڪيو ايم جي ڪارڪن محمد سليم اصغر جي جلد و مڪمل صحتيابي جي لاءِ دعا به ڪئي.