Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جناب الطاف حسين جي هدايت تي لانڍي ڪارڊڪ ايمرجنسي سينٽر ۾ ڪي ڪي ايف فارميسي ۽ ليبارٽري ڪليڪشن پوائنٽ جو قيام.


جناب الطاف حسين جي هدايت تي لانڍي ڪارڊڪ ايمرجنسي سينٽر ۾ ڪي ڪي ايف فارميسي ۽ ليبارٽري ڪليڪشن پوائنٽ جو قيام.
 Posted on: 2/27/2015
جناب الطاف حسين جي هدايت تي لانڍي ڪارڊڪ ايمرجنسي سينٽر ۾ ڪي ڪي ايف فارميسي ۽ ليبارٽري ڪليڪشن پوائنٽ جو قيام.
فارميسي ۽ ليبارٽري ڪليڪشن سينٽر جو افتتاح ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ۽ چيف ٽرسٽي ڊاڪٽر نصرت ڪيو.
فارميسي ۽ ليبارٽري جو قيام اسان جي سياسي تربيت ۾ شامل آهي ڇو ته انساني خدمت جو درس ئي اسان جي بيناد آهي.رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ڪراچي؛ 27 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين جي خصوصي هدايت تي ڪي ڪي ايف جي تحت لانڍي ڪارڊڪ ايمرجنسي سينٽر ۾ ڪي ڪي ايف فارميسي ۽ ليبارٽري ڪليڪشن سينٽر جو افتتاح ڪيو ويو. ڪي ڪي ايف فارميسي ۽ ليبارٽري ڪليڪشن سينٽر جو افتتاح رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ۽ چيف ٽرسٽي ڊاڪٽر نصرت ڪيو. ان موقعي تي انهن سان رابطا ڪميٽي جا ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، واسع جليل، قمر منصور ۽ ٻيا به گڏ هئا.تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اڄ پاڪستان کي قائم 
ٿئي 66 سالن کان وڌيڪ جو وقت گذري چڪو آهي ۽ ان دوران ڪيتريون ئي مشڪلاتون ۽ امتحان آيا پر ان جي باوجود اسان هڪ قوم نه بڻجي سگهياسين. انهن چيو ته جناب الطاف حسين پهرين خدمت ڪري ڏيکاري ۽ پوءِ سياست ۾ قدم رکيو فارميسي ۽ ليبارٽري جو قيام اسان جي سياسي تربيت ۾ شامل آهي ڇو ته انساني خدمت جو درس ئي اسان جي بنياد آهي. انهن چيو ته هي شهر ڏينهن رات جاڳي ڪري ملڪ کي 70 سيڪڙو روينيو ڏيئي ٿو پر افسوس جو  هن شهر کي محروم رکيو پيو وڃي. تقريب کي ڊاڪٽر صغير احمد خطاب ڪندي چيو ته الله تعالٰي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي جيڪو اعزاز بخشيو آهي اهو شايد ئي ڪنهن کي بخشيو هجي ڇو ته الله تعالٰي قائد تحريڪ کان انساني خدمت جا سمورا ڪم وٺي رهيو آهي. تقريب کي ڪي ڪي ايف جي ٽرسٽي سينيٽر احمد علي ۽ ٻين به خطاب ڪيو.

7/17/2024 2:42:31 PM