پيپلز پارٽي جي رهنما سينيٽر رحمٰن ملڪ جي ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ.
سياسي حالتن ۽ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ.
سينيٽ اليڪشن جي موقعي تي هارس ٽريڊنگ جي روڪٿام جي لاءِ ڪوششون ٿيڻ گهرجن. ٻنهي رهنمائن ۾ اتفاق.
ملڪ نازڪ صورتحال ۽ چيلنجن کي منهن ڏيئي رهيو آهي، اهڙي وقت ۾ قومي اتفاق رائي ۽ ڀائيچاري جي سخت ضرورت آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 27 فيبروري 2015
پي پي جي رهنما ۽ سينيٽر رحمٰن ملڪ ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين سان فون تي ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ انهن سان ملڪ جي سياسي حالتن ۽ ملڪ جي گڏيل صورتحال تي خيالن جي ڏي وٽ ڪئي. ٻنهي رهنمائن ملڪ جي موجوده صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ٻنهي رهنمائن ان ڳالھ تي اتفاق ڪيو ته سينيٽ جي اليڪشن جي موقعي تي هارس ٽريڊنگ جي روڪٿام جي لاءِ ڪوششون ٿيڻ گهرجن. ڇو ته اهو عمل قومي سياست جي لاءِ ڪنهن به طرح مناسب نه آهي. ان موقعي تي ڳالھ ٻولھ ڪندي جناب الطاف حسين فرمايو ته هن وقت ملڪ جنهن قسم جي نازڪ صورتحال ۽ چيلنجن کي منهن ڏيئي رهيو آهي ان ۾ قومي اتفاق رائي ۽ يڪجهتي جي سخت ضرورت آهي.