لسبيله کان ملندڙ لاش ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪن جي نه آهي. ايم ڪيو ايم شعبه اطلاعات.
ڪراچي؛ 26 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي شعبه اطلاعات جي ترجمان چيو آهي ته لسبيله کان ملندڙ لاش ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪن جي نه آهي ۽ لسبيله کان ملندڙ لاش جي هن مهل تائين سڃاڻپ به نه ٿي سگهي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ ترجمان چيو ته ڪجھ ٽي وي چينلن تي لسبيله کان ملندڙ لاش جي باري ۾ چيو ويو آهي ته اها ايم ڪيو ايم جي لاپتا ڪارڪن ضياء الرحمٰن جي لاش آهي جنهن تي ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي ۽ حق پرست اسيمبلي ميمبر فيملي سان گڏ ايڌي سينٽر پهتا جتي ضياء الرحمٰن جي فيملي لاش جي سڃاڻپ کان پوءِ ٻڌايو ته اها ضياء الرحمٰن جي لاش نه آهي.