اي پي ايم ايس او جي تحت ٿيندڙ تيرهين پيغام امن ڪرڪيٽ ٽورنمامينٽ جي چوٿين ڏينهن شوبز اليون ۽ پارليامينٽرين اليون جي وچ ۾ نمائشي ڪرڪيٽ ميچ جو انعقاد ٿيو.
ڪراچي؛ 26 فيبروري 2015
اي پي ايم ايس او ڪراچي يونيورسٽي سيڪٽر جي زير اهتمام وليڪا گرائونڊ ۾ تيرهين پيغام امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي چوٿين ڏينهن شوبز اليون ۽ پارليامينٽ اليون جي وچ ۾ نمائشي ميچ جو انعقاد ڪيو ويو، جيڪو سخت مقابلي کان پوءِ پارليامينٽ اليون 14 رنسن تان کٽي ورتو.ان موقعي تي سنڌ اسيمبلي ميمبر فيصل سبزواري، چيئر مين اي پي ايم ايس او سرفراز احمد،وائيس چيئرمين، ڊائريڪٽر اسپورٽس اينڊ فزيڪل محترمه انجم عزيز ۽ ٻيا به موجود هئا.پارليامينٽ اليون جي قيادت سنڌ اسيمبلي ميمبر عدنان احمد ۽ شوبز اليون جي قيادت امجد صابري ڪري رهيا هئا.ميچ کي ڏسڻ جي لاءِ شاگردن جي تمام وڏي تعداد موجود هئي.ميچ جي آغاز کان اڳ قومي ترانو پڙهيو ويو. ميچ جي اختتام تي فيصل سبز واري ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو ته اي پي ايم ايس او جي طرفان پيغام امن ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو انعقاد هڪ سٺو قدم آهي، ان ٽورنامينٽ سان شاگردن کي نصابي سرگرمين سان گڏو گڏ غير نصابي سرگرميون به حاصل ٿيون آهن. خواجه اظهار الحسن چيو ته شاگرد تنظيمن جو ڪم اهو آهي ته اهي تعليمي ادارن ۾ شاگردن جي لاءِ بهتر موقعا پيدا ڪن ۽ تعليم دوستي جو ثبوت ڏين.تقريب جي اختتام تي محترمه انجم عزيز مهمان رانديگرن ۾ سندون به ورهايون. ان کان پوءِ اي پي ايم ايس او جي تحت لغڙ اڏائڻ جو مظاهرو به ڪيو ويو.