ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جو 28 هون سالانه ڪنوينشن 28 هين فيبروري بروز ڇنڇر شام جو 4 وڳي لال قلعه گرائونڊ ۾ منعقد ٿيندو.
ڪنوينشن کي ايم ڪيو ايم جا قائد جناب الطاف حسين ٽيليفونڪ خطاب فرمائيندا.
ڪراچي؛ 26 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ ليبرڊويزن جو 28 هون سالانه ڪنوينشن 28 فيبروري بروز ڇنڇر تي شام جو 4 وڳي لال قلعه گرائونڊ ۾ وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويندو. ڪنوينشن کي ايم ڪيو ايم جا قائد جناب الطاف حسين انتهائي اهم ٽيليفونڪ خطاب فرمائيندا.ليبرڊويزن جي سالانه ڪنوينشن جي سلسلي ۾ هر سال وانگر هن سال به غير معمولي انتظام ڪيا ويا آهن ۽ ان سلسلي ۾ نائن زيرو، لال قلعه گرائونڊ. جناح گرائونڊ، خورشيد بيگم سيڪريٽريٽ، ايم پي اي هاسٽل ۽ شعبه اطلاعات سميت آس پاس جي گهٽين ۽ چورنگين کي قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي تصويرن، ايم ڪيو ايم جي جهنڊن ۽ مبارڪباد جي پيغامن سان سجايو ويو آهي. جڏهن ته ليبرڊويزن جي مختلف يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن جي طرفان به ليبرڊويزن جي سمورن يونٽ آفيسن ۽ عمارتن کي به سجايو ويو آهي.