Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي اي آر وائي جي بائيڪاٽ جو فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.


ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي اي آر وائي جي بائيڪاٽ جو فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
 Posted on: 2/26/2015
ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي اي آر وائي جي بائيڪاٽ جو فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
اينڪر پرسنن کي به دردمندانه اپيل ڪريان ٿو ته اهي پنهنجن پروگرامن ۾ صحافت جي آدابن جو خيال رکن ۽ شائسته لفظن جو استعمال ڪن. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
لنڊن؛ 26 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت کي هدايت ڪئي آهي ته اهي فوري طور تي رابطا ڪميٽي پاڪستان ۽ لنڊن جي ميمبرن جو هنگامي بنيادن تي اجلاس گهرائين ۽ اي آر وائي جي بائيڪاٽ جي فيصلي کي فوري طور تي واپس وٺڻ تي غور ڪن ۽ تمام تر اختلاف ۽ اعتراض اي آر وائي جي ذميوارن سان ڳالھ ٻولھ جي ذريعي حل ڪن. جناب الطاف حسين فرمايو ته اسان ڪنهن به اينڪر پرسن يا ٽي وي  چينل سان ذاتي اختلاف نه ٿا رکون ۽ ساڻ ساڻ اينڪر پرسنن کي به دردمندانه درخواست ڪريون ٿا ته اهي پنهنجن پروگرامن ۾ صحافت جي آدابن جو خيال رکن ۽ شائسته زبان  استعمال ڪن،ڪنهن به جماعت يا رهنما جي ڪردار ڪشي نه ڪن، غير جانبداراڻه رپورٽنگ ڪن ۽ غير جانبداراڻه حمايت يا تنقيد جو عمل صحافتي اصولن جي مطابق ڪن. 
          ان کان علاوه جناب الطاف حسين جي هدايت تي رات دير تائين ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جو گڏيل اجلاس جاري رهيو جنهن کان پوءِ رابطا ڪميٽي جي سينيئر ڊپٽي ڪنوينر نديم نصرت رابطا ڪميٽي جي گڏيل فيصلي جي مطابق اي آر وائي جي بائيڪاٽ جو فيصلو واپس وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اي آر وائي جي بائيڪاٽ جي فيصلي جي خاتمي جي اعلان جي توثيق ايم ڪيو ايم جي قائد جناب الطاف حسين به ڪري ڇڏي آهي. ان کان علاوه رابطا ڪميٽي خميس تي سڄي پاڪستان جي پريس ڪلبن جي سامهون اي آر وائي جي خلاف ٿيندڙ احتجاجي مظاهرن جي منسوخي جو به اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

7/17/2024 2:25:59 PM