Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

جاگيرداراڻه، قبائلي ۽ سرمائيداراڻه مائنڊ سيٽ جمهوريت جو بلڪل انڪار آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.


جاگيرداراڻه، قبائلي ۽ سرمائيداراڻه مائنڊ سيٽ جمهوريت جو بلڪل انڪار آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
 Posted on: 2/25/2015
جاگيرداراڻه، قبائلي ۽ سرمائيداراڻه مائنڊ سيٽ جمهوريت جو بلڪل انڪار آهي. قائد تحريڪ جناب الطاف حسين.
جيڪڏهن ملڪ کي ضرورت پئي ته ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪن فوج سان گڏجي داعش، القائده ۽ طالبان جي خلاف هڪ ڇيهي رسيل ڀت بڻجي ڪري وطن عزيز جو دفاع ڪندا.
نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي شعبن جي ميمبرن سان ٽيليفون تي ڳالھ ٻولھ.
ڪراچي؛ 25 فيبروري 2015 
             متحده قومي موومينٽ جي قائد جناب الطاف حسين فرمايو آهي ته موجوده صدي جمهوريت جي صدي آهي جڏهن ته جاگيرداراڻه، قبائلي ۽ سرمائيداراڻه مائنڊ سيٽ جمهوريت جي بلڪل خلاف آهي. جيڪڏهن ملڪ کي ضرورت پئي ته ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪن فوج سان گڏجي داعش، القائده ۽ طالبان جي خلاف هڪ ڇيهي رسيل ڀت بڻجي ڪري وطن عزيز جو دفاع ڪندا. اها ڳالھ انهن نائن زيرو تي ايم ڪيو ايم جي مختلف شعبن جي ميمبرن سان ڳالھ ٻولھ ڪندي فرمائي . ان موقعي تي رابطا ڪميٽي جا ميمبر به موجود هئا. پنهنجي خطاب ۾ جناب الطاف حسين فرمايو ته 1978 کان وٺي اڄ تائين مختلف کليل ۽ ڳجهن سازشي هٿڪنڊن جي ذريعي حق پرستي جي تحريڪ کي ختم ڪرڻ جون ڪوششون ڪيون ويون پر ڪارڪنن ۽ عوام جي اتحاد سان هر سازش ناڪام ثابت ٿي. انهن فرمايو ته اها انساني ڪمزوري آهي ته انسان آرام واري ماحول ۾ آرام پسند ٿي وڃي ٿو، جيڪڏهن تحريڪ سان لاڳاپيل ڪارڪن ان انساني ڪمزوري تي قابو پائي وٺن ته نه صرف اهي پاڻ کي بلڪه ٻين کي به نقصان کان بچائي سگهن ٿا ان جي ڪري هر ڪارڪن کي گهرجي ته اهو تحريڪ تي بار بڻجڻ جي بجاءِ تحريڪ جو بار کڻڻ جي لاءِ عملي طور تي مددگار بڻجي. انهن فرمايو ته حق پرستي جو پيغام روڪڻ جي لاءِ ڪئي ويندڙ سازشن جي پويان جاگيرداراڻه، قبائلي ۽ سرمائيداراڻه مائنڊ سيٽ آهي. موجوده صدي جمهوريت جي صدي آهي جڏهن ته جاگيرداراڻه ، قبائلي ۽ سرمائيداراڻه مائنڊ سيٽ جمهوريت جي بلڪل خلاف آهي،جناب الطاف حسين ايم ڪيو ايم سان لاڳاپيل تمام قومن، مسلڪن ۽ مذهبن جي هڪ هڪ ماڻهو کي مخاطب ڪندي پيغام ڏنو ته اهي اڄ کان ئي وڏي محنت ۽ لگن سان ڪم ڪن ۽ ثابت ڪري ڇڏين ته ڪراچي ۾ وسندڙ سنڌي، پنجابي، پختون، بلوچ، مهاجر، سرائيڪي، هزاري وال، ڪشميري، گلگتي، بلتستاني،هندو، مسلمان، عيسائي، سک ۽ پارسي ئي نه بلڪه سڀ ڪراچي جا شهري آهن. انهن ايم ڪيو ايم جي تمام ڪارڪنن تي زور ڏنو ته اهي ڪنهن اداري جو انتظار ڪرڻ جي بجاءِ پنهنجي مدد پاڻ جي تحت پنهنجن پاڙن ۽ گهٽين ۾ صفائي جي انتظامن کي بهتر کان بهتر بڻائڻ جي لاءِ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن.انهن وڌيڪ فرمايو ته جيڪڏهن ملڪ کي ضرورت پئي ته ايم ڪيو ايم جا لکين ڪارڪن فوج سان گڏجي ڪري داعش، القائده ۽ طالبان جي خلاف هڪ ڇيهي رسيل ڀت بڻجي ڪري وطن عزيز جو دفاع ڪندا.

7/17/2024 2:21:31 PM