Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

قوم اي آر وائي نيوز جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان فيصلي تي ڪراچي کان ڪشمور تائين عمل ٿيندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.


قوم اي آر وائي نيوز جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان فيصلي تي ڪراچي کان ڪشمور تائين عمل ٿيندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
 Posted on: 2/25/2015
قوم اي آر وائي نيوز جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ ان فيصلي تي ڪراچي کان ڪشمور تائين عمل ٿيندو.ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي.
ڪراچي جا ماڻهو ميڊيا کي اشتهار ڏيئي رهيا آهن ۽ انهن کي ئي تذليل جو نشانو بڻايو پيو وڃي. ڊاڪٽر فاروق ستار.
صحافين گذريل ادوار ۾ صحافت جي لاءِ ڪوڙا کاڌا پر اڄ صحافت تي سياسي اداڪارن قبضو ڪري ورتو آهي. حيدرعباس رضوي.
جيڪي ماڻهو مائنس الطاف حسين جون ڳالهيون ڪن ٿا اهي جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جا بلند حوصلا ڏسي وٺن. قمر منصور.
اي آر وائي نيوز جي طرفان جناب الطاف حسين ۽ مهاجر قوم کي گهٽ وڌ ڳالهائڻ جي خلاف ڪراچي پريس ڪلب تي منعقد ٿيندڙ احتجاجي مظاهري کي خطاب.
ڪراچي؛ 25 فيبروري 2015 
            متحده قومي موومينٽ جي زير اهتمام ڪراچي پريس ڪلب تي اي آر وائي نيوز جي طرفان ايم ڪيو ايم ۽ مهاجرن جي خلاف ڳالهائڻ تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر نصرت، رابطا ڪميٽي ميمبرن، سينيٽرن، قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي ميمبرن ، ذميوارن ۽ ڪارڪنن هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.مظاهرين پنهنجن هٿن ۾ بينر کنيا هئا جن تي اي آر وائي نيوز جي خلاف نعرا به درج هئا. مظاهري کي خطاب ڪندي رابطا ڪميٽي ميمبر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو ته اڄ پاڪستان ۾ صحافت کي ريٽنگ جو ذريعو بڻايو ويو آهي، انهن چيو ته پوري قوم ۽  قائد تحريڪ جناب الطاف حسين کي تنقيد جو نشانو بڻايو ويو آهي جنهن تي اي آر وائي نيوز کي پوري قوم کان معافي وٺڻي پوندي.انهن اي آر وائي نيوز جي مالڪن کي چيو ته اڄ پوري قوم جي غيرت جو معاملو آهي ۽ جيڪڏهن معافي نه گهري وئي ته پوءِ قوم اي آر وائي نيوز جي بائيڪاٽ جو فيصلو ڪري ورتو آهي ۽ اڄ ڪراچي کان شروع ٿيندڙ بائيڪاٽ ڪراچي کان ڪشمور ۽ ڪشمور کان ڪشمير تائين ٿيندو.مظاهري کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اڄ صحافت  تي داغ لڳايو ويو آهي، انهن چيو ته جهڙي طرح ايم ڪيو ايم ۽ هڪ طبقي جي خلاف ڳالهايو ويو آهي ان تي ڪراچي جي ٻن ڪروڙن کان وڌيڪ شهرين فيصلو ڪري ورتو آهي ته اهي اي آر وائي نيوز جي بائيڪاٽ جو اعلان ڪن ٿا. انهن چيو ته ڪراچي جا عوام ميڊيا کي اشتهار ڏيئي رهيا آهن پر جيڪڏهن انهن کي ئي تذليل جو نشانو بڻايو ويندو ته اسان عوام جي عدالت ۾ پنهنجو مقدمو وٺي وڃڻ جو حق رکون ٿا. انهن چيو ته اسان جي امڙين، ڀينرن ۽ شهرين جي لاءِ گار گند استعمال ڪيو پيو وڃي ان جي ڪري منهنجي ميڊيا کي اپيل آهي ته اها پنهنجي وچان ڪارين رڍين کي ٻاهر ڪڍي ڇڏي.رابطا ڪميٽي ميمبر حيدر عباس رضوي چيو ته اڄ جو ڏينهن پاڪستان جي صحافت جي تاريخ جو هڪ اهم ڏينهن آهي ۽ اڄ اسان کي ان احتجاجي مظاهري جي ذريعي صحافت ۽ اداڪاري ۽ مڪاري جي وچ ۾ فرق ڪرڻ گهرجي. انهن چيو ته صحافين گذريل ادوار ۾ صحافت جي بقا و سلامتي ۽ صحافتي اقدار جي لاءِ ڪوڙا ڪاڌا پر اڄ صحافت تي سياسي اداڪارن قبضو ڪري خبر کي شوبزنس ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي ۽ پنهنجن ذاتي ايجنڊن جي ذريعي صحافتي اقدار جي علمبردارن صحافين کي ڀت سان لڳائي ڇڏيو آهي. انهن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ صحافتي تنظيمن جو دروازو کڙڪائيندي ۽ انهن کان مطالبو 
ڪندي ته اهي صحافت جي مهذب پيشي کي بدنام ڪرڻ وارين ڪارين رڍن کي ان شعبي کان ٻاهر ڪڍين.انهن وفاقي وزير اطلاعات و نشريات پرويز رشيد کان مطالبو ڪيو ته اهي پوري قوم ۽ سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي مهاجر قوم ۽ جناب الطاف حسين کي گار گند ڏيڻ جو سختي سان نوٽس وٺن.انهن حڪومت کان مبشر لقمان تي پابندي لڳائڻ جو مطالبو ۽ ايم ڪيو ايم جي طرفان اي آر وائي جي بائيڪاٽ ڪرڻ جو اعلان به ڪيو.رابطا ڪميٽي ميمبر قمر منصور چيو ته اسان کي اڄ تائين مهاجر ۽ بي وطن چئي ڪري پڪاريو پيو وڃي پر هاڻي اسان کي پنهنجي مهاجر ٿيڻ تي فخر آهي. انهن چيو ته پاڪستان سڄي دنيا ۾ زرد صحافت جي ذريعي بدنام ڪيو پيو وڃي ۽ ڪجھ مفاد پرست صحافت جو لبادو اوڙهي ڪري ملڪ کي بدنام ڪرڻ جي  عمل ۾ شريڪ آهن. انهن چيو ته اسان کي گهٽ وڌ ڳالهايو پيو وڃي پر اسان جيڪڏهن پنهنجي دفاع ۾ هڪ لفظ به ڳالهائينداسين ته عوام کي چيو ويندو ته آزادي صحافت کي خطرو پيدا ٿي ويو آهي. انهن چيو ته مبشر لقمان زرد صحافت جا علمبردار آهن جنهن صحافت جي نالي تي ملڪ جي تمام ادارن ۽ سياسي جماعتن کي پنهنجين مغلظات جو نشانو بڻايو ويو آهي. انهن مظاهري جي شرڪاء ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته جيڪي ماڻهو مائنس الطاف حسين جون ڳالهيون ڪن ٿا اهي جناب الطاف حسين جي چاهڻ وارن جو سمنڊ ڏسي وٺن.مظاهري کي رابطا ڪميٽي ميمبرن عارف خان ايڊووڪيٽ ۽ عبدالحسيب،اسيمبلي ميمبرن خواجه اظهار الحسن ۽ رئوف صديقي به خطاب ڪيو.

7/17/2024 2:34:43 PM