ليبر ڊويزن جي سالانه ڪنوينشن جي سلسلي ۾ رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر نصرت سان گڏجي ليبرڊويزن جي انچارج ڪاظم رضا ۽ ٻين يادگار شهداء حق تي حاضري ڏني.
ڪراچي؛ 25 فيبروري 2015
متحده قومي موومينٽ جي ليبرڊويزن جي 28 هين سالانه ڪنوينشن جي سلسلي ۾ ايم ڪيو ايم جي رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر نصرت سان گڏجي ايم ڪيو ايم ليبرڊويزن جي انچارج ڪاظم رضا ۽ ڪميٽي ميمبرن نائن زيرو تي يادگار شهداء حق تي حاضري ڏني، انهن گل رکيا ۽ فاتحه خواني به ڪئي. ان کان پوءِ مختلف ادارن جي سي بي اي يونينز ۽ ليبر ڊويزن سان تعلق رکندڙ مختلف يونٽن جي ذميوارن ۽ ڪارڪنن به ليبرڊويزن جي انچارج سان گڏجي يادگار شهداء حق تي حاضري ڏني ۽ فاتحه خواني به ڪئي. ان موقعي تي انهن حق پرست شهيدن جي بلند درجات، اسيرن جي جلد رهائي، ايم ڪيو ايم جي ڪاميابي ۽ دهشت گردي جي خاتمي سميت پاڪستان جي بقا و سلامتي ۽ قائد تحريڪ جناب الطاف حسين جي صحت و تندرستي ۽ وڏي عمر جي لاءِ دعائون به ڪيون.