Altaf Hussain  English News  Urdu News  Sindhi News  Photo Gallery
International Media Inquiries
+44 20 3371 1290
+1 909 273 6068
[email protected]
 
 Events  Blogs  Fikri Nishist  Study Circle  Songs  Videos Gallery
 Manifesto 2013  Philosophy  Poetry  Online Units  Media Corner  RAIDS/ARRESTS
 About MQM  Social Media  Pakistan Maps  Education  Links  Poll
 Web TV  Feedback  KKF  Contact Us        

رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل جي ميمبر عمير حسن صديقي جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.


رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل جي ميمبر عمير حسن صديقي جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
 Posted on: 2/15/2015
رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل جي ميمبر عمير حسن صديقي جي گرفتاري تي ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي طرفان مذمت جو اظهار.
عمير حسن کي اڄ صبح سوير عزيز آباد نمبر 8 کان گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ انهن جي گهر وارن يا پارٽي کي انهن جي باري ۾ ڪجھ به ٻڌايو نه ٿو وڃي.رابطا ڪميٽي.
ڪراچي؛ 15 فيبروري 2015 
              متحده قومي موومينٽ جي رابطا ڪميٽي رينجر جي طرفان ايم ڪيو ايم جي مرڪزي اليڪشن سيل جي ميمبر عمير حسن صديقي ولد عبدالسميع صديقي جي گرفتاري جي سخت ترين لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ رابطا ڪميٽي چيو ته رينجر اڄ صبح سوير عمير حسن کي انهن جي عارضي رهائشگاھ عزيز آباد نمبر 8 کان گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ انهن جو موبائيل، ليپ ٽاپ ٻيو سامان به پاڻ سان گڏ کڻي وئي آهي. رابطا ڪميٽي چيو ته عمير حسن جي باري ۾ انهن جي گهر وارن يا پارٽي جي ڪنهن به عهديدار کي ڪابه ڄاڻ فراهم نه ٿي ڪئي وڃي. رابطا ڪميٽي چيو ته ان کان اڳ به ايم ڪيو ايم جي ڪيترن ئي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري لاپتا ڪيو ويو آهي يا انهن کي ڪوڙن مقدمن ۾ ملوث ڪيو ويو آهي. رابطا ڪميٽي وزير اعظم ميان نواز شريف، وفاقي وزير داخلا چوڌري نثار علي خان، گورنر سنڌ ڊاڪٽر عشرت العباد ۽ وزير اعلٰي سنڌ سيد قائم علي شاھ کان مطالبو ڪيو ته اهي عمير حسن صديقي جي بغير ڪنهن جواز جي گرفتاري جو نوٽس وٺي ڪري انهن جي باري ۾ انهن جي گهر وارن ۽ پارٽي جي ذميوارن کي ڄاڻ فراهم ڪرڻ جي باري ۾ فوري طور تي قدم کڻڻ.
*****

6/30/2024 9:28:26 AM