آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي والده مرحومه جي ٽيجهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ بابر غوري جي شرڪت.
لاهور؛ 15 فيبروري 2015
آرمي چيف جنرل راحيل شريف جي والده مرحومه جو ٽيجهو آرمي هائوس ۾ ٿيو جنهن ۾ مرحومه جي روح جي ايصال و ثواب جي لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحه خواني ڪئي وئي.ٽيجهي ۾ ايم ڪيو ايم رابطا ڪميٽي جي جوائنٽ انچارج ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي، حق پرست سينيٽر بابر غوري ، پاڪ فوج جي آفيسرن، سياسي و مذهبي جماعتن جي رهنمائن ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکڻ وارن ماڻهن ۽ مرحومه جي مٽن مائٽن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ايم ڪيو ايم وفد جنرل راحيل شريف کي جناب الطاف حسين جو تعزيتي پيغام به پهچايو ۽ مرحومه جي بلند درجات ۽ پونئرن جي صبر و جميل جي لاءِ دعا به ڪئي.